اهي چار عادتون، جيڪي انسان جي دماغ کي هوريان هوريان تباهه ڪري ڇڏين ٿيون

اسان جو دماغ هر ڏينهن ڪم ۾ مصروف هوندو آهي، يادداشت، ڌيان، جذبن ۽ فيصلا ڪرڻ جهڙن اهم فعلن کي ڪنٽرول ڪندو آهي پر ماهرن موجب اسان مان اڪثر ماڻهو اڻڄائيءَ ۾ اهڙيون عادتون اختيار ڪندا آهن، جيڪي وقت سان گڏ دماغ صحت کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون.
مشهور نيوروسرجن ڊاڪٽر رچرڊ وينا، جنهن کي نيوروسرجري ۾ 25 سالن کان وڌيڪ جو تجربو حاصل آهي، انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ ۾ اهڙين چئن عام عادتن جي نشاندهي ڪئي آهي، جيڪي دماغ کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون.
1: اڻ پوري ننڊ
ڊاڪٽر وينا موجب مسلسل گهٽ ننڊ دماغ جي مرمت ڪندڙ صلاحيت کي ڪمزور ڪري ڇڏيندي آهي، مناسب ننڊ نه ڪندڙ دماغ زهريلا مادا خارج ناهي ڪري سگهندو ۽ نه يادداشت کي درست طريقي سان محفوظ ڪري سگهي ٿو، جنهن سان ذهني ڪارڪردگي متاثر ٿيندي آهي.
2: ورزش کان پاسو
ورزش دماغ ۾ رت جي رواني کي وڌائيندي آهي، جنهن سان يادداشت ۽ ڌيان ۾ بهتري ايندي آهي. ڊاڪٽر رچرڊ وينا جو چوڻ آهي ته جسماني سرگرمي رڳو جسم لاءِ نه پر دماغي تيزي ۽ واضح سوچ لاءِ به انتهائي ضروري آهي.
3: مسلسل ذهني دٻاءُ
ڊاڪٽر وينا خبردار ڪيو ته ڊگهي مدي جو ذهني دٻاءُ ڪورٽيسول نالي هارمون جي سطح وڌائي ڇڏيندو آهي، جيڪو دماغي خلين کي نقصان پهچائي سگهي ٿو، ذهني دٻاءَ تي ضابطي لاءِ مراقبو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.
4: پراسيسڊ خوراڪ جو گهڻو استعمال
ڊاڪٽر موجب وڌيڪ مٺاڻ ۽ ريفائنڊ ڪاربوهائيڊريٽس تي ٻڌل غذائون دماغ ۾ سوڄ کي وڌائي ان کي جلد پوڙهو ڪري سگهن ٿيون، مڪمل ۽ متوازن غذا جو استعمال دماغي صحت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.