روھت شرما ۽ ويرات ڪوهلي جو آسٽريليا ۾ ڪيريئر جي پڄاڻيءَ جو اعلان

سڊني (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ جي اڳوڻي ڪپتان روھت شرما، جنهن سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ آسٽريليا خلاف ٽِين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ ناقابلِ شڪست 121 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته هو ۽ ويرات ڪوهلي هاڻي آسٽريليا جو ٻيهر دورو نه ڪندا.
ٽن ميچن جي سيريز کان اڳ ئي اهو بحث جاري هو ته ڇا ٻئي سينيئر رانديگر 2027ع واري ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ ڏکڻ آفريڪا وڃڻ لاءِ تيار آهن يا نه؟
پر آخري ون ڊي ۾ روھت ۽ ڪوهلي پراڻيون يادون تازيون ڪيون ۽ شاندار بيٽنگ ڪندي ٻي وڪيٽ لاءِ 168 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، جنهن جي مدد سان ڀارت 237 رنسن جو هدف رڳو هڪ وڪٽ جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.
ميچ کانپوءِ روھت شرما ۽ ويرات ڪوهلي اڳوڻي آسٽريلوي ليجنڊري ڪرڪيٽر ايڊم گلڪرسٽ ۽ ڪامينٽيٽر روي شاستري سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته هيءَ سيريز سندن آسٽريليا جو آخري دورو هو.
روھت شرما چيو ته”مون کي هميشه کان آسٽريليا اچڻ ۽ هتي کيڏڻ پسند آهي، 2008ع کان منهنجون هن ملڪ جي ميدانن سان ڪجهه سٺيون، ڪجهه بُريون يادون جڙيل آهن. خبر ناهي وري ٻيهر هنن ميدانن تي رانديگر طور ورڻ ٿئي يا نه، پر مان هتي هر واري ڪرڪيٽ کي انجواءِ ڪيو آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته” زندگي ۾ ڪيڏيون به ڪاميابيون ماڻيان پر هر ڏينهن ڪجهه نئون سکڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهيان. آسٽريليا وارئو! توهان جون وڏيون مهربانيون!“
ويرات ۽ روھت جو آسٽريليا سان هڪ ڊگهو ۽ خوشگوار رشتو رهيو آهي“ ٻنهي خاص طور ون ڊي فارميٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ۽ مداحن لاءِ اهو لمحو جذباتي هو، جڏهن ٻنهي اسٽارن آسٽريليا ۾ پنهنجي ڪيريئر جي پڄاڻي شاندار انداز ۾ ڪئي.
ان کان سواءِ، جڏهن ڀارتي ٽيم آسٽريليا پهتي هئي ته ايئرپورٽ کان وٺي نيٽ سيشنز تائين مداحن ٻنهي رانديگرن کي گهيري ورتو هو.
ويرات ڪوهلي چيو ته ”مان آسٽريلوي مداحن جو ٿورائتو آهيان، ڪرڪيٽ هر ڏينهن ڪجهه نئون سبق سيکاري ٿي. جڏهن سڀ شيون توهان جي خلاف ٿي وڃن، تڏهن ان مان پار پوڻ ڏاڍو ڏکيو مرحلو آهي.“
هن چيو ته”ٻڏتر وارين حالتن هميشه مون کان سٺو ڪم ورتو آهي، باقي روھت سان گڏ بيٽنگ ڪندي شيون پاڻمرادو منهنجي حق ۾ ٿي وينديون آهن، خوشي اٿم ته اسان جي ڀائيواري ٽيم جي ڪم آئي.“
ڪوهلي ماضي کي ساريندي چيو ته” ڪاميابين جو هي سلسلو 2013ع کان شروع ٿيو، جڏهن آسٽريلوي ٽيم ڀارت ۾ تاريخي ون ڊي سيريز کيڏڻ آئي هئي، انهن ئي ڏينهن ۾ پڪ ٿي وئي هئي ته اسان ۾ مخالفن کان ميچون کسن جو گڻ موجود آهي.“
هن اهو به چيو ته ” هو به (آسٽريليا) ڄاڻن ٿا ته جيڪڏهن اسان 20 اوور ڪريز تي ٽڪي وياسين ته ڪو به اسان کان ميچ کسي نٿو سگهي، باقي هن ملڪ ۾ اچڻ، کيڏڻ ۽ پرفارم ڪرڻ وارا لمحا ڪير وساري سگهي ٿو؟ مان هتي پنهنجي ڪيريئر جي بهترين ڪرڪيٽ کيڏي آهي، هتان جو عوام به معتبر آهي.“
ياد رهي ته روھت 2008ع ۾ ٽه ملڪي سيريز کٽيندڙ ڀارتي ٽيم جو حصو هو، جڏهن ته ڪوهلي آسٽريليا ۾ پنهنجي پهرين ون ڊي ميچ 2012ع ۾ کيڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.