”اتر ڪوريا ڪجهه حد تائين جوهري طاقت آهي“ ٽرمپ، ڪم جونگ سان ملاقات جو خواهشمند

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي 5 ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي، جتي چيني صدر شي جن پنگ سان واپار تي ڳالهين جو امڪان آهي، جڏهن ته هن اتر ڪوريائي سربراهه ڪم جونگ اُن سان ملاقات جي خواهش به ظاهر ڪئي آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مان ڪن جونگ ان سان ملاقات لاءِ تيار آهيان، منهنجو ان سان تمام سٺو تعلق هو.
صحافين سوال ڪيو ته ڇا توهان اتر ڪوريا کي جوهري رياست تسليم ڪرڻ جي مطالبي تي غور ڪندئو؟ جنهن تي ٽرمپ جواب ڏنو ته منهنجي خيال ۾ هو هڪ حد تائين جوهري طاقت آهن، انهن وٽ ڪيترائي جوهري هٿيار موجود آهن.
واضح رهي ته 2019 ۾ پهرئين حڪومتي دور دوران ٽرمپ ۽ ڪم جونگ ان ۾ ڳالهيون ٿيون هيون، جڏهن ته ٽرمپ ان کان اڳ به ڪم جونگ ان سان ٻيهر ملاقات جي خواهش ظاهر ڪري چڪو آهي.
ٽرمپ 5 ڏينهن جي دوري جي شروعات ملائيشيا کان ڪندو، جنهن کانپوءِ هو ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان به ويندو.
اربع تي آمريڪي صدر ڏکڻ ڪوريا ۾ ٿيندڙ ايشيا پيسيفڪ اڪنامڪ ڪوآپريشن فورم کي خطاب ڪندو، جتي ان جي چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.