خيبر (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته صوبي ۾ ٻيهر فوجي آپريشن جون تياريون ڪيون پيون وڃن پر هاڻ اسان ڪنهن به آپريشن کي نه مڃينداسين، جيڪڏهن ڪنهن بي ڏوهه شهري کي ماريو ويو ته ان جو حساب ٿيندو.
خيبر ۾ امن جرڳي کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته 1947 کان وٺي نائن اليون تائين پاڪستاني سرحدن جي حفاظت قبيلائين ڪئي پر بند ڪمرن ۾ ٻين جي جنگ ۾ ٽپو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، قبيلائين کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي جنگ مڙهي وئي ۽ اسان تي ڊرون حملا ڪيا ويا.
هن چيو ته اسان 80 هزار قربانيون پيش ڪيون، هاڻ بند ڪمرن ۾ فيصلا نه هلندا، هر فيصلي ۾ قبيلائين کي شامل ڪيو وڃي، اسان امن سان گڏ ترقي به چاهيون ٿا، اين ايف سي تحت صوبي جو حصو ڏنو وڃي.
You might also like