راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته دشمن جي ڪنهن به جارحيت جي مقابلي ۾ پاڪ فوج ۽ عوام متحد ٿي هڪ مضبوط ڀت جيان ثابت ٿيندا.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف مردان جي مختلف يونيورسٽين ۽ مدرسن جي استادن ۽ شاگردن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ معرڪه حق، پاڪستان ۽ افغانستان ۾ تازي ڇڪتاڻ ۽ قومي سلامتي بابت مختلف معاملن تي گفتگو ڪئي وئي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر دهشتگردن خلاف جاري ڪارروائين تي روشني وجهندي چيو ته پاڪ فوج سڄي قوم جي سهڪار سان هر خطري جو ڄمي مقابلو ڪندي.
تقريب ۾ شريڪ استادن ۽ شاگردن پاڪ فوج جي غازين ۽ شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اسان ملڪي استحڪام ۽ سلامتي لاءِ پاڪ فوج سان گڏ بيٺا آهيون.
You might also like