اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ آزاد ڪشمير ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو ۽ نئين قائد ايوان جي نالي جو فيصلو آصف زرداري تي ڇڏيو ويو آهي.
زرداري هائوس اسلام آباد ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آزاد ڪشمير جي صورتحال تي غور ڪيو ويو.
ذريعن موجب پ پ چوڌري انوار الحق خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي قمر زمان ڪائرا چيو ته بلاول ڀٽو جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي سياسي صورتحال تي گفتگو ٿي پر حتمي فيصلو صدر آصف زرداري ڪندو.
You might also like