حاظم بنگوار بهترين اسسٽنٽ ڪمشنر جو ايوارڊ ماڻي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حاظم بنگوار کي بهترين اسسٽنٽ ڪمشنر جي ايوارڊ سان نوازيو ويو.
بهترين اسسٽنٽ ڪمشنر جو ايوارڊ حاظم بنگوار جي نالي رهيو، ڪمشنر سيد حسن نقوي ۽ ايڊيشنل آءِ جي جاويد عالم اوڍي کيس ايوارڊ ۽ اعزازي شيلڊ پيش ڪئي.
اها تقريب ڊپٽي ڪمشنر سينٽرل آفيس ڪراچي ۾ ٿي، جنهن ۾ مختلف اسسٽنٽ ڪمشنرن، انتظامي آفيسرن ۽ پوليس اختيارين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ڪمشنر چيو ته حاظم رات ڏينهن ڪم ڪري شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري، کيس خراج تحسين پيش ڪيون ٿا، هو نون آفيسرن لاءِ رول ماڊل آهي، سندس ڪارڪردگي ٻين آفيسرن لاءِ هڪ مثال آهي، سمورا اسسٽنٽ ڪمشنر پنهنجي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر بڻائين ۽ ڀرپور جذبي سان شهر جي خدمت ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.