منهنجا ڪلام ڳائي ” پاڪستان آئيڊل“ جا اميدوار مقابلو کٽي سگهن ٿا: سجاد علي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ليجنڊري گلوڪار سجاد علي چيو آهي ته هن سميت ڪجهه ٻين فنڪارن جا گيت ڳائي ”پاڪستان آئيڊل“ جا اميدوار مقابلو کٽي سگهن ٿا پر هو اِهي گيت نه ٿا ڳائي سگهن.
واضح رهي ته اڄڪلهه ”پاڪستان آئيڊل“ نالي ميوزڪ شو نجي ٽي وي تان نشر ٿي رهيو آهي ۽ ڏسندڙن طرفان ان کي سُٺي موٽ ملي رهي آهي، جڏهن مقابلي ۾ شامل اميدوارن جون وڊيوز به مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي وائرل ٿي رهيون آهن.
شو لڳ ڀڳ هڪ ڏهاڪي کانپوءِ ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي، شو جو ٻيو سيزن جاري آهي، جنهن بلال مقصود، فواد خان، راحت فتح علي خان ۽ زيبا بنگش ججز طور شرڪت ڪري رهيا آهن.
ان کانسواءِ شو جي ڪيئي اميدوار مقابلي ۾ حصو وٺي رهيا آهن، پر هو ڪيئي راڳين جا گيت نه ڳائي رهيا آهن، جنهن سجاد علي پڻ شامل آهي.
ان ڏس ۾ گلوڪار سجاد علي پاڻ وضاحت ڪندي چيو آهي ته سندس گانا اميدوار شو ۾ ڇو ناهن ڳائي رهيا.
سجاد علي کان هڪ تقريب دوران ان بابت سوال ڪيو ويو، جنهن تي هن ٻڌايو ته شو جي انتظاميا وٽ سندس گانن جا حق (رائٽس) ناهن، جنهن سبب سندس گانا شو ۾ نه پيا ڳائي وڃن.
سندس چوڻ هو ته ڏسندڙن شايد نوٽ ڪيو هوندو ته شو ۾ ڪيئي اميدوار هڪ ئي گيت بار بار ڳائي رهيا آهن، ڇو ته شو جي اتنظاميا وٽ انهن ئي گانن جا رائٽس آهن.
گلوڪار واضح ڪيو ته ”پاڪستان آئيڊل“ جي انتظاميا هن سان گانن جي رائٽس بابت رابطو ڪيو هو پر بجيٽ سبب سندن معاملا طئي نه ٿي سگهيا.
سجاد علي موجب، هن سمورن مشڪل ۽ اهم ڌنن تي گانا تيار ڪيا آهن جڏهن ته هن سميت ٻين ڪجهه گلوڪارن جا گانا اهڙا آهن، جيڪي شو ۾ شامل اميدوار ڳائي مقابلو کٽي سگهن ٿا.پر انتظاميا وٽ انهن گانن جا رائٽس ناهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.