ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سياري لاءِ گيس لوڊشيڊنگ جو نئون شيڊيول سامهون اچي ويو، جنهن تحت گهريلو واهپيدارن کي مخصوص وقتن ۾ ئي گيس فراهم ڪئي ويندي.
سوئي ناردرن گيس پائيپ لائن لميٽيڊ سڄي ملڪ جي گهريلو واهپيدارن لاءِ سياري جو نئون گيس شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.
اهو فيصلو گيس جي وڌندڙ طلب ۽ کوٽ سبب ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل شيڊيول موجب گهريلو واهپيدارن کي مخصوص وقتن ۾ ئي گيس فراهم ڪئي ويندي.
شيڊيول موجب صبح 5:30 کان 8:30، منجهند 11:30 کان 1:30 ۽ شام 5:30 کان 8:30 وڳي تائين گيس ملندي.
مقرر وقتن کانسواءِ گيس پريشر گهٽ يا فراهمي معطل رهڻ جو امڪان آهي، اختيارين موجب اهو شيڊيول عارضي آهي ۽ موسم يا فراهمي جي صورتحال موجب ان ۾ تبديلي ٿي سگهي ٿي.
You might also like