”نواز شريف کي 10 سال ملي وڃن ها ته مهاتير محمد کان وڏو ليڊر هجي ها“

نارووال (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته نواز شريف کي 10 سال ملي وڃن ها ته مهاتير محمد کان وڏو ليڊر هجي ها.
پنهنجي بيان ۾ احسن اقبال چيو ته نواز شريف کي نه ڪڍيو وڃي ها ته پاڪستان ملائيشيا کان گهڻو اڳتي هجي ها، شهباز شريف ۽ مريم نواز جي قيادت ۾ ملڪ کي عظيم رياست بڻائينداسين.
هن چيو پينُن کي ملڪ جي چاٻي ڏني وئي ته انهن معيشت تباهه ڪري ڇڏي، اسان کي موقعو مليو ته چيو ويو ڪجهه هفتن ۾ معيشت ٻڏي ويندي، معيشت کي ٺيڪ ڪرڻو آهي ته تڪليف برداشت ڪرڻي پوندي، ن ليگ کي خبر هئي ته معيشت بچائڻي آهي ته ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.