ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل طرفان آءِ فون ائير جي گهٽ طلب سبب پيداوار گهٽائڻ جو فيصلو
ڪمپني ايپل پنهنجي نئين ماڊل ” آءِ فون ائير“ جي طلب اميدن کان گهٽ ٿيڻ سبب ايندڙ سال ان جي پيداوار گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ ايپل هڪ نئين سنهي ڊيزائن واري آءِ فون ائير متعارف ڪرائي هئي، جيڪا رڳو 5.6 ملي ميٽر ٿُلهي آهي ۽ ان کي ايپل جي تاريخ جو سڀ کان سلم يعني سنهو ماڊل قرار ڏنو ويو هو.
آءِ فون ائير شروع ڌيان جو مرڪز بڻيل رهي، پر پهرين ٽه ماهي ۾ ان ماڊل جي طلب گهٽ ٿيڻ سبب ڪمپني ان جي پيداوار گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ايپل جي سينيئر تجزيي نگار منگ چي ڪيئو جو چوڻ آهي ته ”آءِ فون ائير جي طلب ۾ رڪارڊ گهٽتائي کانپوءِ ايپل ايندڙ سال ان جي پيداوار گهٽائڻ جو منصوبو تيار ڪيو آهي.“
تجزئي نگار موجب، ڪمپني 2026ع جي پهرين ٽه ماهي تائين آءِ فون ائير جي تياري ۾ 80 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻيندي.
ٻئي پاسي آءِ فون ائير جا ڪيئي پرزا اهڙا آهن جن جي تياري ۽ فراهمي لاءِ وڌيڪ وقت گهربل آهي، تنهنڪري ڪمپني انهن پرزن جي فراهمي جو سلسلو به 2025ع جي آخر تائين ختم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.
You might also like