ڀارت جي ورهين جي محنت زيان، عالمي رسالي پاڪستان کي ”خطي جو فاتح“ قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رسالي ”فارن پاليسي“ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ پاڪستان جي ڪامياب سفارتڪاري جو کليل لفظن ۾ اعتراف ڪندي چيو آهي ته گذريل مهينن دوران اسلام آباد نه رڳو علائقائي پر عالمي سطح تي پنهنجي پرڏيهي پاليسي ذريعي هڪ نئون تاثر قائم ڪيو آهي.
رپورٽ موجب پاڪستان آمريڪا، چين ۽ سعودي عرب سميت ڪيترن ئي اهم ملڪن سان لاڳاپن ۾ اڳڀرائي ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ان کي خطي جو ”سفارتي فاتح“ قرار ڏنو پيو وڃي.
آمريڪي رسالي موجب پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي سفارتڪاري جا نوان دڳ کولي ڇڏيا، جڏهن ته حڪومتي ۽ عسڪري سطح تي متوازن ڊپلوميسي سڄي دنيا ۾ موٽ حاصل ڪئي آهي، پاڪستان جي متحرڪ سفارتڪاري سبب واشنگٽن ۽ اسلام آباد وچ ۾ لاڳاپن جو هڪ نئون دور شروع ٿيو آهي.
فارن پاليسي موجب پاڪستان گذريل ڪجهه مهينن ۾ آمريڪا، ترڪيه، ايران، چين ۽ ملائيشيا سان لاڳاپن ۾ نيون ڪاميابيون ماڻيون، سعودي عرب سان اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدو ان جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي جو نئون ثبوت آهي، جنهن پاڪستان کي وچ اوڀر ۾ هڪ مستحڪم ڀائيوار طور اڀاريو آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستان تازو دهشتگرد تنظيم داغس خراسان جي هڪ اهم رڪن کي گرفتار ڪيو، جنهن کانپوءِ آمريڪي سينٽ ڪام جي سربراهه پاڪستان جي دهشتگردي خلاف سهڪار کي ”انتهائي اثرائتو“ قرار ڏنو.
هوڏانهن رسالي ڀارت جي سفارتي ڪاميابين جي نشاندهي ڪندي لکيو ته ڀارت جي 25 سالن جي محنت ۽ سفارتي اعتماد ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي.
رپورٽ موجب ٽرمپ ۽ مودي جي سخت ڳالهه ٻولهه ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪئي، جڏهن ته صدر ٽرمپ ڪشمير جي مسئلي تي ٽياڪڙي جي آڇ به ڪئي هئي.
رسالي فارن پاليسي اهو به چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ملاقات اسلام آباد ۽ واشنگٽن جي لاڳاپن ۾ نئين گرم جوشي پيدا ڪئي، ائين ئي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي ملاقات پاڪستان جي اثر رسوخ کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو.
رسالي انڪشاف ڪيو ته هڪ وڏي آمريڪي ڪمپني پاڪستان ۾ 500 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ اعتماد جو ثبوت آهي.
فارن پاليسي جي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستان جي متوازن پرڏيهي پاليسي ان کي نه رڳو خطي پر عالمي سطح تي هڪ اهم کيڏاري طور متعارف ڪرايو آهي، جيڪو هڪ ئي وقت ۾ آمريڪا، چين ۽ سعودي عرب جهڙن طاقتور ملڪن سان مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.