پي آءِ اي جو 5 سالن کانپوءِ برطانيا لاءِ فلائيٽ آپريشن بحال، پهرين اڏام رواني

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي ايئر لائن (پي آءِ اي) جو 5 سالن کانپوءِ برطانيا لاءِ فلائيٽ آپريشن بحال ٿي ويو ۽ اسلام آباد مان پهرين اڏام مسافرن کي کڻي مانچسٽر رواني ٿي وئي.
اسلام آباد ايئرپورٽ تي برطانيا لاءِ پي آءِ اي جي فلائيٽ آپريشن جي بحالي جي افتتاحي تقريب ٿي، جنهن ۾ وفاقي وزير خواجا آصف، برطانوي هاءِ ڪمشنر ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.
افتتاح کانپوءِ پي آءِ اي جي پهرين بوئنگ ٽرپل سيون اڏام PK-701 ٻه سئو 73 مسافرن کي کڻي اسلام آباد کان مانچسٽر رواني ٿي.
اڏام کي وفاقي وزير خواجا آصف ۽ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ الوداع ڪيو.
شروعاتي مرحلي ۾ پي آءِ اي جون مانچسٽر لاءِ هفتيوار ٻه اڏامون اڱاري ۽ ڇنڇر تي آپريٽ ٿينديون.
پي آءِ اي ترجمان موجب ٻئي مرحلي ۾ لنڊن لاءِ سڌي ريت اڏامن جي شروعات به ڪئي ويندي.
واضح رهي ته برطانيا ۽ يورپ اڳوڻي وفاقي وزير غلام سرور پاران پائلٽس جي ڊگرين بابت بيان کانپوءِ 2020 ۾ پي آءِ اي تي پابندي هنئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.