ڪوهلي ۽ روهت جي آسٽريليا ۾ الوداعي ميچ، شوقين، مخالف ٽيم ۽ ڪامينٽيٽرز جذباتي ٿي ويا

سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ٻن عظيم ڪرڪيٽرن روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي جي الوداعي لمحن دوران شوقينن، رانديگرن ۽ ڪامينٽيٽرز طرفان ڏيکاريل عزت ۽ محبت دل کي ڇُهندڙ منظر ڏسڻ لاءِ مليا.
ٻنهي اسٽارن لاءِ سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ جي اسٽينڊس ۾ ويٺل مداحن جي جذباتي تاڙين، مخالف ٽيم جي عزت ڀرئي رويي ۽ ڪامينٽيٽرز جي تعريفي تبصرن ميدان ۾ هڪ خاص ماحول جوڙي ڇڏيو.
ان ڏس ۾ اڳوڻي ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر ۽ ڪامينٽيٽر آئن بشب به سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي لکيو ته ” روهت ۽ ويرات ٻئي نه رڳو ڀارت لاءِ عالمي ڪرڪيٽ لاءِ به هڪ سنهري دور جي علامت آهن ۽ سندن جي ڪيريئر جي احترام ۾ اهڙا منظر دنيا جي ڪرڪيٽ تاريخ ۾ يادگار بڻجي ويندا.“
هن چيو ته ” دنيا جي هر ڪنڊ ۾ وڏن رانديگرن جي اهڙي واکاڻ، راند جي حسن ۽ اسپرٽ آف دي گيم کي وڌيڪ اجاگر ڪري ٿي.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.