ڪو زمانو هوندو هو جڏهن پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم کي هوم گرائونڊ تي هارائڻ نامڪنات ۾ تصور ڪيو ويندو هو ۽ هاڻي حالت اها آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو هوم گرائونڊ تي هارائڻ جو سلسلو به وڌندو پيو وڃي. اهو زوال ناهي ته ڇاهي.! پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم تي آيل ان زوال جو ڪارڻ ڪرڪيٽ بورڊ جي ناقص پاليسي آهي جنهن پاڪستان جي ڪرڪيٽ کي اڄ ان جاءِ تي پهچايو آهي.
اها به حقيقت آهي ته ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ان جي پاليسين تي پاڪستان جي حڪومتي نظام جو سنئون سڌو اثر پيو آهي. اهو اثر ائين پيو آهي جو پاڪستان اندر جيئن حڪومت ختم ٿيندي آهي ۽ نئين حڪومت اچڻ سان اُها پنهنجي ٽيم۽ پنهنجي ڪابينا ٺاهيندي آهي تيئن ئي حڪومت جي تبديلي سان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين به تبديل ٿي ويندو آهي ۽ اها حڪومت وري ڪرڪيٽ بورڊ لاءِ پنهنجو چيئرمين مقرر ڪندي آهي. اهو ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين وري نئين سليڪيشن ڪميٽي ۽ سليڪشن ڪيمٽي جو نئون چيئرمين ۽ نئون نئون ڪوچ توڙي ڪپتان مقرر ڪندو آهي.
سو جيئن ويجهي تاريخ ۾ پنهنجي ملڪ پنهنجي ملڪ اندر حڪومتون تيزي سان تبديل ٿيون آهن تيئن ئي ڪرڪيٽ بورڊ جو نظام به ان حساب سان تيزي سان تبديل ٿيندو رهيو آهي جنهن سبب نه ملڪ ۾ حڪومتي، سياسي ۽ معاشي استحڪام آيو آهي نه ئي ڪرڪيٽ بورڊ ۾ استحڪام آيو آهي، اڃان به زوال ئي آيو آهي.
جڏهن ته ماضيءَ ۾ نه حڪومتون ايڏي تيزي سان تبديل ٿينديون هيون نه ئي ڪرڪيٽ بورڊ تنهن ڪري ڪرڪيٽ اندر مستقل پاليسي ۽ استحڪام هوندو هو. ڪرڪيٽ بورڊ ۾ آيل آخري ڪجهه تبديليون ڏسو. 2013 ۾ جڏهن مسلم ليگ (ن) جي حڪومت هئي ته ان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين نجم سيٺي کي ڪيو جنهن ڪپتان، ڪوچ ۽ سليڪشن ڪميٽي کي تبديل ڪيو. وري 2018 ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت آئي ته عمران خان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين احسان ماني کي ڪيو جنهن پنهنجو ڪوچ، سليڪشن ڪميٽي ۽ ڪپتان تبديل ڪيا. وري ان ئي حڪومت يعني پي ٽي آءِ احسان ماني کي ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين تان هٽائي رميز راجا کي مقرر ڪيو جنهن وري ڪرڪيٽ سليڪشن ڪاميٽي جو پنهنجو چيئرمين، ڪوچ ۽ ڪپتان مقرر ڪيو. وري وزيراعظم عمران خان کي بي اعتمادي جي تحريڪ ۾ هٽايو ويو، سندس حڪومت ختم ٿي ته پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت جڙي جنهن ۾ پ پ به شامل هئي تنهن ڪرڪيٽ بورڊ ۾ پنهنجي حصي جو چيئرمين ذڪا اشرف کي مقرر ڪيو جيڪو تستائين بورڊ جو چيئرمين هو جيستائين پي ڊي ايم جي حڪومت هئي پر ان به ٽيم جو ڪوچ، سليڪشن ڪيمٽي ۽ ڪپتان تبديل ڪيو ۽ بابراعظم جي جڳهه تي شاهين آفريدي کي ٽي ٽوئنٽي جو ڪپتان بڻايو. ياد رهي ته بابرا عظم کي پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ ڪپتان بڻايو ويو هو جنهن کي نجم سيٺيءَ پنهنجي دور ۾ ڪپتان طور برقرار رکيو هو پر جڏهن وري پي ڊي ايم کان پوءِ چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) حڪومت ۾ آئي ته ان وري هيل نجم سيٺي بدران محسن نقوي کي ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين بڻايو جيڪو ساڳي وقت وفاقي حڪومت ۾ گهرو وزير به آهي.
ٿيڻ ائين گهرجي ها ته ڪرڪيٽ بورڊ ۾ڪل وقتي چيئرمين مقرر ڪجي ها جيڪو ڪرڪيٽ تي خاص ڌيان ڏئي سگهي ها مطلب ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ ۾ جيڪو موجوده زوال آيو آهي تنهن جو سبب ڪرڪيٽ بورڊ ۾ لاڳيتو ۽ تڪڙيون تبديليون آهن جنهن ڪري نه ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين مستقل رهيو، نه سليڪشن ڪميٽي، نه ڪوچ ۽ نه ئي ڪپتان مستقل رهيو جنهن سبب ڪرڪيٽ جي هڪ پاليسي به نه رهي.
هاڻي به ڪرڪيٽ بورڊ جي موجوده چيئرمين محسن نقوي جنهن پاڻ ئي محمد رضوان کي ون ڊي ڪرڪيٽ جو ڪپتان بڻايو هو تنهن ڪجهه سيريزن بعد ان کي هٽائي ون ڊي جو شاهين آفريدي کي ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب ڪرڪيٽ بورڊ مٿان وڏي تنقيد ٿي رهي آهي. اها به سرڪاري طور پڌرائي ناهي ڪئي وئي ته محمد رضوان کي ڇو ون ڊي جي ڪپتاني تان هٽايو ويو آهي. جڏهن ته توقع وري به اها هئي ته ايشيا ڪپ جي هڪ ئي ٽورنامينٽ ۾ ڀارت هٿان ٽن لڳاتار شڪست کان پوءِ شايد ٽي ٽوئنٽي جي ڪپتان سلمان آغا کي هٽايو وڃي. سو عام خيال هاڻي به اهو ئي آهي ته سلمان آغا جي جاءِ تي ٽي ٽوئنٽي ۾ ڪپتان تبديل ڪجي ها پر ڪپتان وري ون ڊي جو تبديل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته محمد رضوان جي ڪپتاني ۾ پاڪستان، آسٽريليا کان آسٽريليا ۾ ۽ ڏکڻ آفريڪا کان ڏکڻ آفريڪا ۾ ون ڊي سيريز کٽي، زمبابوي خلاف به رضوان جي ڪپتاني ۾ زمبابوي اندر ون ڊي سيريز کٽي وئي البت رضوان جي ڪپتاني ۾ ويسٽ انڊيز ۾ پاڪستان هارايو ۽ هوم گرائونڊ تي چيمپز ٽرافي ٽورنامينٽ نه کٽي سگهيو. ٽيسٽ ڪپتان بابراعظم ۽ شان مسعود جي ڪپتاني ۾ پڻ پاڪستان هوم ٽيسٽ سيريزون به هارايون ۽ برابر ڪيون.
سو پاڪستان ڪرڪيٽ تي آيل موجوده زوال مان نڪرڻ لاءِ ڪرڪيٽ بورڊ کي خودمختيار بڻائڻ جي ضرورت آهي جيئن اهو بورڊ حڪومتي تبديلي کان متاثر نه ٿئي. ٻيو ته ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين، سليڪشن ڪميٽي، ڪوچ ۽ ڪپتان جو فيصلو به سوچي سمجهي ڪيو وڃي ۽ پوءِ انهن کي ڪجهه وقت ڏنو وڃي جيئن پاليسي ۾ مستقل مزاجي اچي سگهي. پاڪستاني ٽيم جي رانديگرن کي فرسٽ ڪرڪيٽ لازمي طور جو چيو وڃي. ٽيون ته هوم سيريز ۾ جيڪي وڪيٽون تيار ڪيون وڃن سي موجوده ٽيم جي طاقت کي ذهن ۾ رکي ڪري ٺاهيون وڃن. اڄ ڪلهه اسپن ٽرننگ وڪيٽون ٺاهيون پيون وڃن جڏهن ته پاڪستان وٽ اڄ نه ورلڊ ڪلاس اسپنر آهي ۽ نه ئي اسپن تي مضبوطي سان کيڏيندڙ بيٽسمين آهن. جڏهن ته موجوده دور ۾ پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ٻين ٽيمن وٽ وڌيڪ مضبوط اسپن بانگ آهي. پر جيڪڏهن اسپن وڪيٽن تي هوم سيريز ڪرائڻ چاهيو ٿا ته پوءِ پاڪستاني ٽيم جي پليئرن کي لازمي طور فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏڻ جو چيو وڃي ته جيئن اهي اتي ٽيسٽ جي مزاج جي ڊگهي ڪرڪيٽ کيڏن ۽ اسپن بانگ تي کيڏڻ جي مشق ڪري سگهن. اها به نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته ماضيءَ ۾ 80 جي ڏهاڪي تائين ڪنهن به سيريز کيڏڻ کان اڳ ٽن ۽ چئن ڏينهن جون سائيڊ ميچون پريڪٽس طور کيڏائڻ لاءِ رکيون وينديون هيون جيڪو رواج هاڻي ختم ٿي ويو آهي. هاڻي سڌو انٽرنيشنل سيريز شروع ٿي وڃي ٿي جنهن ڪري به پليئرن کي مخالف ٽيمن سان کيڏڻ جو موقعو نٿو ملي ان ڪري به ٽيمن جي ڪارڪردگي تي اثر پيو آهي جنهن تي آءِ سي سي کي پڻ سوچڻ گهرجي.