رياست ڇا آهي ؟ اها ڪيئن ڪم ڪندي آهي

نثار لغاري

هن وقت  جڏهن دنيا ۾ اها عام پروپئگنڊا  ٿي وئي آهي ته  انقلابن جو دور  هليو ويو هاڻ خاموشي اختيار ڪيو  انهي سموري صورتحال ۾ رياست  سياست  سماج سماجي سڀ ڪجهه پسمنظر ۾ هليو ويو آهي  اسان کي عملي ۽  نظرياتي طور اهو سمجهڻ گهرجي ته  رياست  اصل ۾ ڪهڙي قسم جو ادارو آهي  اها ڇا آهي  انڪري شادي تشريح به هجن گهرجي

سياسي  سماجي ادبي علمي ڪارڪنن کي رياست جي تصور جي صحيح ڄاڻ هجڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سياست جو سڄو ڪم رياست سان جڙيل آهي ۔ سياست جو ڪم رياست خلاف جدوجهد ڪرڻ ، نئين رياست ٺاهڻ ۽ رياست جو ڪاروهنوار هلائڻ يا وري اليڪشن ذريعي رياستي اقتدار حاصل ڪرڻ هجي ٿو ۔ يعني جيڪو اسان جو رياست ڏانهن رويو ۽ رخ هوندو آهي ،اها ئي اسان جي سياست هوندي آهي ۔ انقلابي سياست جو ڪم مروج رياست کان حق وٺڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۽ نئين انقلابي عوامي رياست قائم ڪرڻ هوندو آهي جڏهن ته اقتداري حڪمران طبقي جي پارٽين جو ڪم رياست کان صرف حصو وٺڻ هوندو آهي ۔ سو هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته اسان انقلابي ڪارڪن رياست کي ڪيئن سمجهون ٿا ۔ رياست ڇا آهي ؟

رياست پرتشدد ۽   منظم سياسي اوزار آهي جنهن جو ڪم سرمائيدار ، جاگيردار ،سامراج  يعني استحصالي قوتن جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ هوندو آهي ۔ اهڙي منظم اوزار جا گهڻا شعبا آهن پر ان جا ٻه مکيا پاسا آهن ۔ هڪ رياست جو  پرتشدد پاسو  آهي جهڙوڪ فوج ،پوليس ايجنسيون وغيره ۔ انهن جو ڪم ڏنڊي جي زور تي حڪمران ڌرين جي مفادن کي اندروني ۽ بيروني خطرن کان بچائڻ هوندو آهي ۔

رياست جو ٻيو پاسو  ان جا سياسي نظرياتي ادارا آهن جهڙوڪ پارليامنٽ ، عدليا ، ميڊيا ، دانشور ۽ سماجي سطح تي وڏيرڪي واٺن جو سرشتو ۔ ان جو ڪم عوام اندر حڪمران طبقن ۽ سامراج لاءِ همدردي پيدا ڪرڻ ،انهن جي رياست جي حق ۾ ذهنسازي ڪرڻ ،انهن کي پنهنجي حقيقي سياست تان گمراهه ڪرڻ ، انقلابي سياست جي خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ شامل آهي ۔

توهان پنهنجي علاقائي سطح تي رياست کي ڏسي سگهو ٿا ۔ جڏهن اوهان وڏيري خلاف يا عوامي حقن لاءِ جدوجهد ڪندا آهيو ته پهريان سرڪاري ادارا يا چونڊيل نمائنده ڪوڙا آسرا ڏيندا آهن ، پوءِ اوهان خلاف واٺن جي ذريعي ڳوٺ ۾ پروپيگنڊا ڪرائيندا آهن ۽ صفا معاملو وڌي وڃي ته پوءِ ڪوڙا ڪيس ۽ پوليس کي استعمال ڪندا آهن ۔ انهي طرح جڏهن توهان قومي سطح تي پورهيت ۽ قومي آزادي جي تحريڪ شروع ڪندا آهيو ته رياست پنهنجي ميڊيا دانشورن ۽ ٻين سياسي طريقن سان پروپگينڊا ڪري ، عوام کي گمراهه ڪري ،ڪوڙا ليڊر پيدا ڪري توهان کي روڪيندي آهي پر جڏهن معاملو وڌي ويندو آهي ته پوءِ رياست فوج پوليس ۽ ايجنسين کي استعمال ڪندي آهي ۔

سماج ۾ سياسي انقلاب تڏهن ايندو آهي جڏهن مظلوم عوام پنهنجي سياسي پارٽي جي قيادت ۾ جابر رياست جي سڀني سياسي نظرياتي ادارن ۽ حربن کي شڪست ڏيندو ايتري طاقت ٿي ويندو آهي جو رياست جا هٿيار به جواب ڏئي ويندا آهن ۔ ائين جيئن روس ۾ چين ۾ يا بنگالاديش  ۾ ٿيو ۔ جتي رياست جا سڀئي ادارا عوام آڏو جواب ڏئي ويا ۔ انقلاب کانپوءِ عوام ۽ انقلابي پارٽي هڪ نئين رياست جي تعمير ڪندي جيڪا وري عوام جي حقن جو تحفظ ڪري وڏيرن سرمائيدارن ۽ سامراج خلاف وڙهندي آهي ۔ اهڙي رياست کي پورهيت يا سوشلسٽ رياست چيو ويندو آهي ۔دنيا ۾ پهرين سوشلسٽ رياست 1917ع ۾ روس ۾ قائم ٿي ۔

اسين هن وقت جيڪڏهن رياست جي اصل جوهر کي سمجهي وڃون ته اڳتي سماج کي بهتر ڪرڻ  تبديل ڪرڻ جي حقيقت کي به سمجهي وينداسين  انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي  وڌيڪ  محنت ڪرڻ گهرجي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.