اھي خبرون به آھن ته آءِ ايم ايف پاران مني بجيٽ آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي ھاڻي حڪومت لاءِ پريشاني واري ڳالهه اھا آھي ته آءِ ايم ايف کي راضي ڪيئن ڪري؟ ۽ وري اھم ڳالهه اھا آھي ته حڪومت لاءِ آءِ ايم ايف کي راضي ڪرڻ انتهائي ضروري آھي ان ڪري ته جيڪڏھن اسان وارن پيارن حڪمرانن آءِ ايم ايف کي راضي نه ڪيو ته پوءِ آءِ ايم ايف کان ٻئي قسط ۾ کين سخت پريشانين کي منھن ڏيڻو پوندو ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته اسان وارا ھمراھ ڪيئن ٿا آءِ ايم ايف کي راضي ڪري وٺن؟ ڪو وڙ وڪڙ ڏئي وٺن ته ٻي ڳالهه آھي باقي اسان وارن ھمراھن جا ڪم رڳو ڪاغزن تائين محدود آھـن اصل ۾ وڙ وڪڙ وارو لفظ اسان ڪامريڊي واري دور ۾ استعمال ڪندا هئاسين جڏھن اسان کي سنڌ جي قومي اشوز تي احتجاج ڪرڻو ھوندو ھو ھڪ پاسي پرويزمشرف جي حڪمراني ھوندي هئي احتجاجن تي پابندي لڳل ھوندي هئي ۽ ڪجهه مالي مسئلا به ھوندا هئا ته اسان وارو ضلعي صدر مولابخش کوسو چوندو ھو ته يار حبيب ڪو بلو ڪر وڙ وڪڙڏ ڪم ڪڍ ٻيو ڪو رستو آھي ـٔي نه سو مونکي لڳي ٿو ٿا پاڻ وارا ھمراھ به اڳ ۾ آءِ ايم ايف کي مولابخش وارا وڙوڪڙ ڏيڻ جو ڪوشش ڪندا جي اھي راضي ٿيا ته ٺيڪ نه ته مني بجيٽ اسان عوام لاءِ سمجھو تيار آھي .
ان سڄي معاشي صورتحال ۾ ھڪ ڳالهه جيڪا انتهائي منجهائيندڙ ۽ سمجھه ۾ نه ايندڙ آھي ته اسان جا پيارا حڪمران توڙي ڪجهه پرڏيھي ادارن جا رپورٽ اھو ظاھر ڪري ٿي ته اسان جي ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح گھٽ ٿي آھي. اسان جي حڪمرانن ۽ ڪجهه پرڏيھي ادارن جي اھڙين ڳالهين توڙي رپورٽن تي اسان کي حيرت ٿئي ٿي. ته اسان جي ملڪ ۾ مهانگائي گھٽ ٿي آھي ھاڻي انھن خدا جي مخلوقن کي سمجهائي ڪير ته بابا مهانگائي گھٽ ٿيڻ جا ترانا ته ڳايو پيا ٻڌايو ته ڪھڙي شئي سستي ٿي آھي؟ رڳو پيٽرول ۽ ۽ ڊيزل جي اگھه ۾ ٿيل ڪجهه گهٽتائي کي ڏسي سستائپ لڳائي ويٺو آھيو سواءِ اٽي کان ٻي ڪا شئي ٻڌايو جيڪا سستي ٿي ھجي؟ دوائون سستيون ٿيون آھن؟ڊاڪٽرن جا فيس گھٽ ٿيا آھن؟ يا وري بيمارين جي ٽيسٽ ڪرڻ جا اگھه گھٽ ٿيا آھن؟ گيھه پيسٽ دالون چانور گيس بجلي ڪپڙا ڪپڙن جي سلائي مسواڙ مشينون سولر بيٽريون چپل ڪتاب اسپيئر پارٽس اليڪٽرڪ مٽيريل ڇا جون قيمتون گھٽ ٿيون آھن؟جو مهانگائي جي گھٽجڻ جو ترانووڏي شان ۽ شوڪت سان ڳائي ٻڌايو پيو وڃي پيٽرول ڊيزل گھٽ ٿيڻ تي ڇا پرائيويٽ ٽرانسپورٽ جا ڪرايا گھٽايا ويا؟ ٿيو ته ڪجهه به ناھي بس ڪاغزن ۾ پيا دنيا کي وڙوڪڙ ڏين ته بابا اسان صبح جو نيرن مريخ تي وري ڊنر چنڊ تي ڪندا آھيون ھي رڪارڊ ڏسو ۽ پوءِ تاڙيون وڄڻ وارو سلسلو شروع بس پنھنجو پاڻ ڄاڻن باقي اسان جھڙن مولائي ماڻھن لاءِ چانهھ ڪوپ پيئڻ به ڄڻ دبئي گھمڻ برابر آھي
ملڪي معيشت کان پوءِ ملڪي سياست جي حالت به ڪجهه اھڙي آھي بس وڙ وڪڙ تي ڪم ڪڍيو پيو وڃي اڳ ۾ حڪمرانن ھمراھن پنھنجي مسڪين ھمدردن سان گڏجي وڏي پيار پاٻوھ ۽ ڀائيچاري سان ملڪ جي ٻنھي ايوانن مان 26 ھين آئيني ترميم پاس ڪرائي ورتي جنھن بعد اسان واري حڪومت کي خبر پئي ته يار 26 ھين ترميم ۾ ڪجهه شيون رھجي ويون آھن ان ڪري 27 ھين ترميم آڻجي جنھن جي تياري به ڪئي وئي هئي پر وزيراعظم شھباز شريف جي پرڏيھي دورن جي ڪري عارضي طور تي 27 ھين ترميم کي سائيڊ تي رکيو ويو .
ھاڻي ڏسجي ته حڪومت 27 ھين ترميم جي تياري ڪري ٿي يا نه پر جي حڪومت 27 ھين ترميم آڻڻ جو ارادو ڪيو ته ان کي پاس ڪرائڻ ڪو مسئلو نه ھوندو توڙي جو فضل الرحمن 27ھين ترميم جي مخالفت ۾ بيان ڏنا آھن پر ان باوجود به حڪومت چاھي ته مولانا کان سواءِ به 27ھين ترميم پاس ڪرائي وٺندي ان ڪري ته ھاڻي ٻنھي ايوانن ۾ ميمبرن کي ضمير مطابق ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل آھي ان ڪري پي ٽي آءِ جا ڪجهه آزاد ميمبر جن جو ضمير اڃان جيئرو آھي اھي ميمبر پنھنجي ضمير جي سڏ کي لبيڪ ڪندي ضمير مطابق ووٽ ڏيندا جي انھن جو ضمير نه جاڳيو ته پوءِ اسان جو مسڪين ٽولو جن اڳ ۾ 26 ھين آئيني ترميم مھل بي اين پي مينگل جي سينيٽرن کي ميڙ منٿ ڪري انھن جو ستل ضمير جاڳائي کين ووٽ ڏيڻ تي راضي ڪري ورتو ھو ھاڻي اھو ئي غريب ٽولو ميڙمنٿ قافلو کڻي وڃي ھنـن کي به راضي ڪري وٺندو ان ڪري ھاڻي 27ھين آئيني ترميم منظور ڪرائڻ حڪومت لاءِ ڪو وڏو مسئلو نه ھوندو پرعمران خان واري اشوءَ تي به ڪجهه چرپر ٿي ضرور آھي بشرا بي بي جي آزادي کان پوءِ ترجمان ڪي پي ڪي حڪومت بيئريسٽر سيف پاران جمھوريت لاءِ سڀني ڌرين سان ڳالهائڻ واري بيان توڙي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پاران سخت لھجن مان ظاھر ٿئي پيو ته پي ٽي آءِ ۽ اسان جي ملڪ جي غريب ٽولي وچ بيڪ ڊور ڪجهه ڳالهه ٻولهھ ضرور ٿيون آھن جيڪڏھن ايئن نه ھجي ھا ته پوءِ پي ٽي آءِ ڊي چوڪ تي ڌرڻي جو اعلان ڪري ھا خير ڪجهه ڏينھن اندر اھو ڪليئر ٿي ويندو ته ڇا پي ٽي آءِ ۽ غريب ٽولي وچ ۾ عوام جي بھتري لاءِ ڪو وچون رستو ڪڍيو ويو آھي يا نه خير اھا ڳالهه اھي ڄاڻن انھن جا ڪم اسان کي ڪو فائدو ته ڏئي نه سگھندا انھن جا فائدا آھن اھي پاڻ ڄاڻن.
ھو ڏانھن ٻئي پاسي امن امان واري حوالي سان ملڪي سطح تي ڪجهه چرپر ضرور نظر آئي آھي جو چين جي سفير پاران چيني شھرين جي تحفظ ۽ پاڪستان اندر سي پيڪ تي ڪم ڪرڻ بابت ڪجهه بيان سامھون آيا جنھن جي رد عمل ۾ اسان جي پرڏيھي کاتي چين جي سفير پاران ميڊيا تي آندل ڳالههين کي سفارتي لاڳاپن جي برعڪس قرار ڏنو ويو آھي. حقيقت ۾ چين جي سفير پاران پنھنجي شھرين جي تحفظ بابت ڳـڻتي ظاھر ڪرڻ پٺيان دھشتگردي جا اھي واقعا ۽ حملا شامل آھن جيڪي اسان جي ملڪ ۾ چين جي شھرين مٿان ٿيا آھن اصل ۾ بلوچستان جي پابندي پيل ھٿياربند تنظيمن ڪيترائي ڀيرا چين کي وارننگ ڏني ته چين پاڪستان خاص ڪري بلوچستان ۾ سي پيڪ ۽ سينڊڪ سميت ٻين پراجيڪٽن تي ڪم نه ڪري ۽ بلوچستان صوبي مان نڪري وڃي پر چيني حڪومت سان گڏو گڏ اسان جي حڪومت به انھن ڌمڪين کي سنجيدگي سان نه ورتو اھو ئي سبب آھي ته ڪجهه عرصي کان بلوچستان جي پابندي پيل ويڙھاڪ تنظيمن پاران بلوچستان اندر توڙي بلوچستان کان ٻاھر خاص ڪري ڪراچي ۾ چيني شھرين مٿان حملا ڪيا ويا آھن جنھن ۾ خود ڪوش حملا به شامل آھن ان ڪري چين ھاڻي سنجيدگي سان اسان جي ملڪ ۾ پنھنجي شھرين جي تحفظ تي فڪرمند آھي ڏسجي ته ھاڻي حڪومت چين جي شھرين جي تحفظ لاءِ ڇا ٿي ڪري
پر ھڪ ڳالهه ضرورآھي ته ٻن ڏھاڪن کان وٺي وفاقي حڪومت توڙي اسٽيبلشمنٽ بلوچستان مامري کي سنجيدگي سان ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ بدران طاقت وسيلي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي جيڪا پاليسي ناڪام ٿي آھي ۽ بلوچستان جون پابندي پيل ويڙھاڪ تنظيمون بلوچستان ۾ عام مزدورن کي قتل ڪرڻ جي واقعن مان اڳتي وڌي بلوچستان مان نڪري ڪري ڪراچي تائين خودڪش حملا ڪرڻ لڳيون آھن جنھن ڪري چين اڄ شھرين جي تحفظ جي ڳالهه ڪري پئي. اسان جي حڪومت توڙي اسٽيبلشمنٽ کي بلوچستان مسئلي کي طاقت بدران ڳالهين ذريعي حل جي آپشن طرف وڃڻ گھرجي ان لاءِ ملڪ جي ٽاپ سياسي ليڊر شپ نوازشريف صدر آصف علي زرداري مولانا فضل الرحمن محمود خان اچڪزئي ۽ اخترمينگل کي راضي ڪري ان کان سواءِ پي ٽي آءِ ۽ بلوچستان جي سردارن کي شامل ڪري ھڪ سياسي ڪاميٽي ٺاھي پرڏيھه ويٺل بلوچن سان ڳالهيون ڪيون وڃن ته ضرور ڪو نه ڪو حل نڪري ايندو ٻي صورت ۾ طاقت جو استعمال نقصان کان سواءِ ڪجهه به نه ڏيندو ۽ امن امان جي حوالي سان ملڪي حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون هونئن به ڪجهه ڏينھن اڳ امن امان جي حوالي سان ورلڊ جسٽس پروجيڪٽ پنھنجي رپورٽ ۾ پاڪستان کي دنيا جو ٽيون نمبر بدترين ملڪ قرار ڏنو آھي. اھڙي صورتحال ۾ اھو ڪيئن ممڪن آھي ته اسان جو ملڪ سياسي سماجي معاشي ۽ جمھوري ترقي ڪري سگھي ان لاءِ سنجيدگي سان سوچڻ گھرجي رڳو سياست پويا ڊوڙڻ بدران ٻين اھم ملڪي اشوز تي به ڌيان ڏنو وڃي ۽ انھن جي حل لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن