ڪميلا ھيرس يا ٽرمپ، صدر ڪير ٿيندو سخت مقابلي جو امڪان

آمريڪا جي ھاڻوڪي چونڊن جي جيڪڏھن اڳوڻي چونڊن سان ڀيٽ ڪجي تھ ان ۾ پھريون فرق ھي آھي تھ جوبائيڊن اوچتو صدارتي اميدوار طور ميدان مان نڪري ويو ۽ ھن پنھنجي جاءِ تي ڪملا ھيرس کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي.ٻيو تھ ڪملا ھيرس ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ پھرين عورت آمريڪي صدر ٿيندي. ٽيون فرق ھي آھي تھ مخالف اڳواڻ ڊونلڊ ٽرمپ اھڙو اميدوار آھي جنھن ھن کان اڳ بھ ھڪ ڀيرو ڪاميابي ماڻي آمريڪا سميت سڄي دنيا جي تجزيھ ڪارن کي ڇرڪ ڀرائي ڇڏيو. اڄ چونڊون ٿي رهيون آهن. پر تاحال سامھون آيل سروي مان ڪنھن بھ اميدوار جي واضح طور ڪاميابي جا ڪي امڪان نظر نھ پيا اچن ان ڪري ڪي ماھر ان خيال جا آھن تھ ھي سرپرائز چونڊون ھونديون.

آمريڪا جي صدارتي چونڊ تي تمام گهڻو پئسو خرچ ٿيندو آهي ۽ اميدوار گهربل رقم حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪندا آهن.اميدوار مهم لاءِ پنهنجو پئسو استعمال ڪري سگهن ٿا يا اهي نجي ڊونرز کان بھ فنڊ گڏ ڪري سگهن ٿا.فنڊنگ جو آخري رستو سرڪار کان رقم وٺڻ جو بھ آھي پر ان جي شرط ڏکيا آھن.ٻين فنڊن گڏ ڪرڻ جا ٻيا طريقا ”پي اي سي ايس، ۽ سپر پي اي سي ايس،گروپ آھن.ذڪر ڪيل گروپ اميدوارن يا انهن جي مهم لاءِ چندو گڏ ڪندا آھن.

ڊيموڪريٽڪ اميدوار ڪملا هيرس 30 سيپٽمبر تائين 906 ملين ڊالر کان وڌيڪ رقم گڏ ڪئي ھئي،چونڊن جي خرچ پکي تي نظر رکندر اداري  اوپن سيڪريٽس جي ڊيٽا مطابق ڪملا ھيرس واري ذڪر ڪيل رقم ۾ جو بائيڊن جي مهم لاءِ مليل عطيا بھ شامل آهن، پر چيو ٿو وڃي تھ جو بائيڊن جي ميدان ڇڏي وڃڻ کانپوءِ فنڊ ۾ وڏي پئماني تي اضافو ٿيو. ٻاهرين گروپن پڻ ڪملا هيرس جي چونڊ مھم لاءِ خاصي رقم گڏ ڪئي.

ريپبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ گهٽ پئسا گڏ ڪري سگھيو .ٽرمپ تمام گهڻو مالدارن جي حمايت تي ڀاڙيندو آهي، ڇاڪاڻ ته هن جي موجود فنڊن مان 68 سيڪڙو کان وڌيڪ دولتمندن وٽان  آيو آھي.گذريل ٻن صدارتي چونڊن ۾ ٽرمپ 2016 ۾ هيلري ڪلنٽن کي شڪست ڏني، پر 2020 ۾ جو بائيڊن کان ھارائجي ويو ھو.ماھرن جو چوڻ آھي تھ آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ پئسن جي اھميت آھي پر رڳو پئسو ڪاميابي جي ضمانت نھ آھي.

وفاقي اليڪشن ڪميشن اليڪشن مهم دوران چندي جي حوالي سان سخت ضابطا جوڙيا آهن. صرف آمريڪي شهري يا گرين ڪارڊ هولڊر پارٽي يا صدارتي اميدوار کي عطيو ڪري سگهن ٿا. پرڏيهي شهرين کي چونڊن ۾ ڪنهن به قسم جو عطيو ڏيڻ جي اجازت ناهي.وفاقي حڪومتي ٺيڪيدار، ڪارپوريشن، نيشنل بئنڪ، مزدور يونين ۽ غير منافع بخش تنظيمون به وفاقي چونڊن ۾ اميدوارن يا پارٽين کي سڌو عطيو نھ ٿيون ڏئي سگھن.

اھڙي فنڊنگ سان تاثر پيدا  ٿئي ٿو تھ رقم سياستدانن تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندي آھي. جنھن سان جمهوريت تي عوامي اعتماد  متاثر ٿي سگهي ٿو.آمريڪي ارب پتي جهڙوڪ ميلڊا فرينچ گيٽس ۽ جارج سوروس ڪملا هيرس جي حمايت ڪندڙ گروپن کي لکين ڊالر ڏنا آهن. فنانشل ٽائمز جي مطابق ايلون مسڪ، ٽموٿي مالون، ميريم ايڊلسن ۽ رچرڊ يوھيلن جھڙن  ارب پتين ٽرمپ جي حامي گروپن کي 395 ملين ڊالر  جي وڏي رقم ڏني آھي.

خرچ ڪرڻ لاءِ لکين ڊالرن سان، مهم ۽ پريشر گروپن کي ڪيترائي فيصلا ڪرڻا پونداآهن. اليڪشن ويجهو اچي وئي آهي ۽ ووٽن جو فيصلو انهن رياستن جي ووٽرن تي آهي جن بابت اڃا تائين چٽو نھ آھي تھ اھي ڪهڙي اميدوار کي ووٽ ڏيندا، خاصي رقم انهن رياستن ۾ چونڊ مھم تي خرچ ٿي رهي آهي.انھن رياستن ۾ سياسي اشتهارن جو زور آھي.مهم هلائيندڙماڻھن کي فون ڪن ٿا ۽ انهن جي گهر وڃي ڪري پارٽي کي ووٽ ڏيڻ لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

2020جي چونڊن مھم  واضح ڪري ٿي ته رقم جو وڏو حصو اشتهارن تي خرچ ٿئي ٿو.اوپن سيڪريٽس جي انگن اکرن موجب اڳوڻي چونڊن ۾ تقريبا 56 سيڪڙو رقم ميڊيا تي، 10 سيڪڙو فنڊ گڏ ڪرڻ تي ۽ اٽڪل 17 سيڪڙو مهم جي خرچن ۽ پگھار جي مد ۾، انتظاميه لاءِ 6 سيڪڙو، جڏهن ته 4 سيڪڙو حڪمت عملي ۽ تحقيق تي خرچ ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.