ڏکڻ ايشيا جا ماڻهو چانهه جا شوقين آهن، جيڪي ڏينهن ۾ ڪئين ڪئين ڀيرا چانهه پيئن ٿا، پر گرم مشرُوبن ۾ دنيا جو مقبول ترين مشرُوب ’ڪافي ‘ (Coffee) آهي، جيڪا جھجھي مقدار ۾ پيتي وڃي ٿي. ’ڪافي‘ ذهين ۽ ’جِينيئس‘ ماڻهن جي پسند سمجھي وڃي ٿي. کوڙ مڪاني ماڻهو ڪافيءَ کي مهانگو شوق سمجھي پيئڻ کان لنوائن ٿا. جڏهن ته ڪي ڪافيءَ جي ڪؤڙاڻ سبب ان کي گھٽ پسند ڪن ٿا. گھڻا ڏکڻ ايشيائي ماڻهو ’ڪافيءَ‘ کي خاص سياري جي مند جو مشروب سمجھي، فقط ان دؤران ئي ان جو استعمال ڪندا آهن. انساني صحت تي ڪافيءَ جا اڻ ڳڻيا مثبت اثر پون ٿا. سائنسي تحقيق مُوجب جسماني صحت جي لحاظ کان ڪافي انسان ۾ ڦُڙتي ۽ خبرداري پيدا ڪري ٿي، فعليات / تحول (ميٽابولزم) کي تيز ڪري ٿي ۽ وزن گھٽائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.
ڪافيءَ جو لاڳيتو استعمال فالج جو خطرو 20 کان 30 سيڪڙو، ’پارڪنسن‘ جي بيماريءَ ۽ ٽائپ 2 ذيابيطس جو خطرو لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو گھٽائي ٿو. ان کانسواءِ ’ڪافي‘ جگر ۽ غدُودن سميت ڪينسر جي ڪجھه قسمن جي خطرن ۾ گھٽتائي آڻي ٿي، دل جي صحت کي بهتر بڻائي ٿي، دل جي دؤري جي امڪانن کي گھٽائي ٿي ۽ انساني برداشت (اسٽيمينا) کي بهتر بڻائي ٿي. ذهني صحت جي لحاظ کان ’ڪافي‘ ڊپريشن، ذهني دٻاءَ ۽ بيجا پريشانيءَ جي خرابين جو خطرو گھٽائي ٿي ۽ انساني مزاج (مُوڊ) کي بهتر بڻائي ٿي. ان کانسواءِ اها ’الزائمر‘ جِي بيماريءَ جو خطرو گھٽائي، شعوري صحت کي هٿي ڏئي ٿي.
ڪافيءَ جي تاريخ ڏاڍي دلچسپ ۽ هڪ هزار سالن کان وڌيڪ پراڻي آهي. ڪافيءَ جي دريافت جي روايت، ان جو بُڻ بڻياد ايٿوپيا ۾ نائين صدي عيسويءَ ۾ پوندي ٻڌائي ٿِي. هڪ مشهور هڪ روايت موجب ’ڪالدِي‘ نالي هڪ ايٿوپين ٻڪرارَ جڏهن اهو ڏٺو ته سندس ڇيليُون ڳاڙهِي ڪافي چيري کائڻ کان پوءِ چُست ٿي ويُون آهن، تڏهن هُن اهي ڦريون پاڻ به استعمال ڪري چستيءَ جا ساڳيا نتيجا ماڻيا ۽ ان طرح هن ’ڪافي‘ دريافت ڪئي. چيو وڃي ٿو ته ايٿوپيا مان، ’ڪافي‘ عرب پينسلوينيا تائين پکڙي، جتي ان جي پوک ۽ واپار پڻ ٿيڻ لڳو. 14 صدي عيسويءَ ۾ صوفي درگاهن کي پڻ ’ڪافي‘ واپرائڻ جو مرڪز ٻڌايو وڃي ٿو، جڏهن يمن جي صوفي درگاهن تي ڪثرت سان ’ڪافي‘ پيتي ويندي هئي. 15 هين صدي عيسويءَ ۾ وچ اوڀر (دمشق، قاهره ۽ بغداد وغيره) ۾ پڻ ڪافي گهر قائم ٿيا. 16هين ۽ 17 هين صديءَ ۾ ڪافيءَ کي اڃا وڌيڪ ناماچار مليو. 1517ع مڪي پاڪ ۾ (عربن جي خيال موجب) ڪافيءَ جي خراب اثرن سبب ان تي پابندي مڙهي وئي. 1552ع ۾ قسطنطنيه (موجوده استنبول) ۾ پهريون ڪافي هائوس کليو. 1600ع ۾ ڪافي يورپ ڏانهن واپار رستي پهتي. 1645ع ۾ اٽليءَ جي شهر ’وِينس‘ ۾، جڏهن ته 1652ع ۾ انگلينڊ (آڪسفورڊ) ۾ پهريون ڪافي هائوس کليو. 1660ع کانپوءِ يورپ ۾ ڪافي هائوس مشهور ٿي ويا ۽ ڪافيءَ جو رواج 17هين صديءَ ۾ گھڻو عام ٿيو. 1607ع ۾ روم ۾ پهريون ڪافي هائوس کليو. جڏهن ته امريڪا ۾ پهريون ڪافيءَ جو اشتهار 1774ع ۾ شايع ٿيو. 1884ع پهرين ’ايسپريسو‘ مشِين پيٽنٽ ٿي، عام استعمال هيٺ آئي. 18هين صديءَ ۾ ڪافيءَ جي اُپت ايشيا ۾ به ٿيڻ لڳي. 19هين صديءَ ۾ عالمي واپار ۾ ’ڪافي‘ هڪ خاص وکرَ طور شامل ٿي وئي. 19هين صديءَ جي اڌ تائين ’ڪافي‘ امريڪا جِي پسگردائيءَ (برزايل ۽ ڪولمبيا) تائين پهتِي.
ڪافيءَ جي ڦريُن (Beans) جا مُکُ طور چار قسمَ ٿين ٿا. جن ۾ عربي ڪافي ڦرِي / ’عريبِيڪا‘ (جيڪا دنيا جي ڪُل ڪافيءَ جي اُپت جو 70 کان 80 سيڪڙو آهي)، ’روبَسٽا‘، ’ليبرِيڪا‘ ۽ ’ايڪسيلسا‘ شامل آهن. انهن ڦرين مان ٺهندڙ ’ڪافي‘ ڪيترن ئي قسمن جِي ٿيندي آهي. ڪافيءَ کي منجھس موجود ڪافيءَ جي داڻن (ڦريُن)،کير ۽ کيرَ جي گَج (مِلڪ فوم) جي مقدار ۾ گھٽ وڌائيءَ جي لحاظ کان مختلف قسمن ۾ ورهايو ويو آهي، جن کي ڪافيءَ جي ڌار ڌار مشرُوبن طور سُڃاتو ويندو آهي. جن ۾ ’ڪيپيچينو‘، ’ايسپريسو‘، ’لاتي‘، ’موچا‘، ’اميريڪانو‘، ’فريپِيچينو‘، ’ماچياٽو‘، ’ڪورٽاڊو‘، ’فليٽ وائيٽ‘، ’بريوي‘ ۽ ٻيا ڪيترائي قسمَ شامل آهن. ”انٽرنيشنل ڪافي آرگنائيزيشن“ (آءِ سِي او) مطابق، عالمي سطح تي پنجن سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ’ڪافيءَ‘ جي قسمن ۾ پهرين نمبر تي ’ايسپريسو‘ (33 سيڪڙو کَپت)، ٻئين نمبر تي ’ڊرِپ بِريُوئنگ‘ (24 سيڪڙو)، ٽئين نمبر تي ’اِنسٽنٽ ڪافي‘ (20 سيڪڙو) چوٿين نمبر تي ’فرينچ پريس‘ (12 سيڪڙو) جڏهن ته پنجين نمبر تي ’ڪيپيچينو ‘ (6 سيڪڙو) شامل آهي. دنيا جي مختلف خِطَن جي لحاظ کان يورپ جا ماڻهو ’ايسپريسو‘، ’ڪيپيچينو‘ ۽ ’لاتي‘، اتر امريڪا جا ماڻهو ’ڊِرپ بريُوئنگ‘، ’فرينچ پريس‘ ۽ ’اسپيشلٽي ڪافيز‘، ڏکڻ امريڪا جا ماڻهو ’ايسپريسو‘ ۽ ’ڪيفي ڪون ليچي‘، اسان ايشيائي ماڻهو ’انسٽنٽ ڪافي‘ ۽ ’آئيسڊ ڪافي‘ جڏهن ته افريڪا جا ماڻهو روايتي (ايٿوپين ۽ جبينا جي) ڪافِي پيئڻ پسند ڪن ٿا. ڪافيءَ جي ڦَريُن (ڪافِي بِينس) جي پيداوار جي لحاظ کان برازيل، ويٽنام، ڪولمبيا، انڊونيشيا ۽ ايٿوپيا ترتيبوار پهرين کان پنجين نمبر تائين اچن ٿا. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ’ڪافي‘ واپرائيندڙ ملڪن ۾ پهرين نمبر تي امريڪا، ٻئين نمبر تي برازيل، ٽئين نمبر تي جپان ۽ ان کانپوءِ بالترتيب انڊونيشيا، رُوس، ڪينيڊا، ايٿوپيا، فلپائن، ويٽنام ۽ ڏکڻ ڪوريا شامل آهن، جڏهن ته في فرد کپت جي لحاظ کان دنيا جي وڌ ۾ وڌ ڪافي واپرائيندڙ ملڪن ۾ پهرين نمبر تي مالديپ (22.3 ڪلوگرام/49 پائونڊ في ماڻهو هر سال جي کپت سان)، ٻئي نمبر تي ليگزمبرگ (ساڍا 6 ڪلوگرام/14 پائونڊ في ماڻهو ساليانو) ۽ ٽئين نمبر تي لبنان (17.3 ڪلوگرام/38 پائونڊ في ماڻهو ساليانو) آهي. جڏهن ته ان کانپوءِ چوٿين کان ڏهين نمبر تائين وڌ ۾ وڌ في فرد ڪافي واپرائيندڙ ملڪن ۾ لِٿُووانيا، فِجِي، اسٽونيا، سموئا، بيلائيز، مڪائو ۽ لائوس شامل آهن.ڪافي ٺاهيندڙ توڙي وڪڻندڙ عالمي ريسٽورنٽ چينز ۾ پهرين نمبر تي جڳ مشهور برانڊ ”اسٽاربَڪس“ آهي، جنهن جُون دنيا جي 80 کان مٿي ملڪن ۾ 33 هزارن کان مٿي ’آئوٽليٽس‘ (برانچز) آهن. پر افسوس جو پاڪستان ۾ دنيا جي ڪافيءَ جي هن مقبول ترين برانڊ جِي ڪابه آئوٽليٽ موجود ناهي. ان فهرست ۾ ٻئين نمبر تي ”ڊَنڪنس ڊونٽ“ آهي، جنهن جا پاڪستان سميت دنيا جي 40 کان وڌيڪ ملڪن ۾ 13 هزار کان وڌيڪ ريسٽورنٽس آهن.
ڪافيءَ جي لحاظ کان هي پاڪستان ۾ به مقبول برانڊ آهي. ان طرح ٽئين نمبر تي ”ڪوسٽا ڪافي“ (30 کان وڌ ملڪن ۾ 4000 کان وڌيڪ آئوٽليٽس)، چوٿين تي ”دي ڪافي بِين اينڊ ٽِي لِيف“ (30 کان وڌ ملڪن ۾ 1200 کان وڌ آئوٽليٽس)، جڏهن ته پنجين نمبر تي ”پِيٽس ڪافي“ (10 کان وڌيڪ ملڪن ۾ 1000 کان وڌيڪ آئوٽليٽس) شامل آهن. مزي جي ڳالهه ته مٿي ذڪر ڪيل پنج ئي ’ڪافي‘ برانڊ امريڪا جا آهن، يعني دنيا کي ڀلي ’ڪافي‘ پيئارڻ ۾ امريڪا سڀ کان وڌيڪ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.تاريخ ۾، ’ڪافي‘ ثقافتي، سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ تي مثبت انداز ۾ واضح طور اثر انداز رهي آهي. 17هين ۽ 18هين صديءَ ۾ دانشورن پاران هلندڙ روشن خياليءَ جِي تحريڪ هجي، يا 1789ع کان 1799ع تائين برپا ٿيندڙ فرانسيسي انقلاب يا 19هين ۽ 20هين صديءَ ۾ هلندڙ عورتن جي حقن جي حاصلات واري تحريڪ هجي، ڪافي هائوسز فيليسوفن، انقلابين، اديبن، دانشورن ۽ تحريڪين جي گڏجڻ واريءَ جاءِ جو ڪردار ادا ڪيو، جتي اتهاس مَٽائيندڙ بحث مباحثا ۽ ملاقاتون ٿينديون رهيون. 1861ع کان1865ع تائين جاري رهندڙ امريڪي گهرو ويڙهه ۾ ’ڪافي‘، يُونين فوجين لاءِ فراهميءَ وارو هڪ اهم وَکر هئي.
پهرين عالمي جنگ دؤران ڪافيءَ مورچن ۾ سپاهين کي جاڳائي رکيو. ٻِين عالمي جنگ ۾ ڪافيءَ جِي فوجي رسدَ ۾ اهم حيثيت رهي. چيو وڃي ٿو ته ڪافيءَ ’نيپولين بوناپارٽ‘ جي فوجي مُهمن کي تيز ڪيو، جڏهن ته ڪافيءَ اڳوڻي امريڪي صدر ’ٿامس جيفرسن‘ جي سفارتي ۽ ادبي ڪوششن کي هٿي ڏني ۽ ڪافي هائوسز ’والٽيئر‘ جي فلسفياڻن بحثن لاءِ پليٽ فارم مهيا ڪيو. امريڪي صدرن منجھان ٿامس جيفرسن کان علاوه، ’ٿيوڊور رُوزويلٽ‘ (جيڪو روزانو 20 ڪوپ ڪافي پيئندو هو)، ’فرينڪلن ڊِي رُوزويلٽ‘، ’هيري ايس ٽرُومين‘، ’جان ايف ڪينيڊِي‘، ’لنڊن بِي جانسن‘ ۽ ’براڪ اوباما‘ ڪافيءَ جا وڏا مشتاق هئا. جڏهن ته برطانوي بادشاهن مان ’ڪنگ چارلس ٻيون‘ (1660ع ــ1685ع)، ’راڻي اين‘ (1702ع ــ 1714ع) ۽ ’ڪنگ جارج ٽيون‘ (1760ع ــ 1820ع) پڻ ڪافيءَ جا وڏا شوقين هئا. ان کانسواءِ سر آئيزڪ نيُوٽن، آرنيسٽ هيمنگوي، پِڪاسو، آسڪروائيلڊ، ورجينيا وولف (برطانوي ليکڪ) ۽ زان پال سارتر جهڙا وڏا ماڻهو به وڏا ڪافي پياڪ رهيا آهن. اسانجي سنڌ جي ڏاهن منجھان آغا سليم ’ڪافيءَ‘ جو وڏو مشتاق هو.ڪافيءَ کي موضوع بڻائي ڪئين ناول به لکيا ويا آهن، جن ۾ 1994ع ۾ ’ايپرل سِنڪليئر‘ جو پڌرو ٿيل ناول ”ڪافي وِل ميڪ يُو بليڪ“ (ڪافي اوهانکي سانورو بڻائي ڇڏيندي)، 2002ع ۾ ’جان لينچسٽر‘ جو ڇپيل ناول ”ڪافي، شاپنگ، مارٽگيج اينڊ ڊيٿ“ (ڪافي، خريداري، گروي ۽ موت)، 2003ع ۾ ’ڊيوڊ لِــز‘ جو ڇپيل ناول ”دِي ڪافي ٽريڊر“ ۽ 2015ع ۾ ’ٽاڪُوجِي اشِيڪاوا‘ جو ڇپيل جاپاني ناول ”دِي ڪافي هائوس“ وغيره شامل آهن. جڏهن ته ڪافيءَ کي مرڪزي خيال بڻائي لکيل عالمي افسانن ۾ ’ريمنڊ ڪاروَر‘ جِي لکيل ڪهاڻي ”ڪافِي اينڊ سگريٽس“ (1985ع)، ’زهُو وين‘ جو لکيل افسانو ”ڪافي“ (2013ع) ۽ ’اليگزينڊر مِڪ ڪال سِمٿ‘ جِي لکيل ڪهاڻِي ”دي ڪافي ڪَپ“ (2015ع) وغيره شامل آهن. ان کانسواءِ ڪافيءَ جي عنوان سان، ان کي مرڪزي خيال بڻائي يا ان جي ذڪر تي ٻڌلَ دنيا جي ڪئين ٻولين جا بيشمار نظم پڻ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. اوهان اهو پڙهي حيران ٿيندا ته دنيا ۾ ڪافيءَ جي تاريخ ۽ قسمن بابت معلومات سهيڙي انهن جو نماءُ ڪندڙ ڪافيءَ جا ڪجھه خاص عجائب گھر به قائم ٿيل آهن. جن ۾ لنڊن (برطانيه)، بَرلن (جرمنيءَ) ۽ استنبول (تُرڪيءَ) ۾ قائم ’ڪافي‘ ميوزيم، اطالوي/ اٽالين ’ڪافي‘ ميوزيم (مِلان)، ’ڪافي اينڊ چاڪليٽ ميوزيم‘ (برسلز) ۽ ٻيا شامل آهن. دنيا ۾ ڪِن جاين تي ڪافيءَ جي حوالي سان وڏا يادگار پڻ تعمير ڪيا ويا آهن، جن ۾ ايٿوپيا ۾ قائم ڪافيءَ جي ڪٽليءَ جو يادگار (جيڪو ڪافي جي بنياد وجھندڙ شهر جي مڃتا ۾ اُتي ٺاهيو ويو آهي)، برازيل جي ڪافيءَ جي صنعت کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ اتي تعمير ٿيل ڪافيءَ جو مجسمو ۽ جاپان ۾ ٺهيل ڪافيءَ جي ڪوپ جو يادگار وغيره شامل آهن.