راکي ساونت کير جي ڌوتل ناهي، منحوس عورت آهي: مٿيرا

ماڊل ۽ ٽي وي ميزبان مٿيرا ڀارتي اداڪارا راکي ساونت تي تنقيد ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته ڪجهه مهينا اڳ جڏهن مان کانئس انٽرويو ورتو ته هوءَ انگل ڪري رهي هئي، تنگ ڪري رهي هئي، مان ڪا کير جي ڌوتل ناهي، منحوس عورت آهي.
مٿيرا تازو هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ٻڌايو ته ماضي ۾ جڏهن راکي ساونت پاڪستاني اداڪار دودي خان سان شادي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، ان وقت مان راکي ساونت جو انٽرويو ڪيو هو.
سندس موجب راکي کي انٽرويو ڏيڻ جا پيسا ڏنا ويا هئا ۽ جيڪڏهن هوءَ انٽرويو ڏيڻ بنا هلي وڃي ها ته چينل جا پيسا ٻڏي وڃن ها، تنهن ڪري مان ان طرفان تنگ ڪرڻ باوجود ساڻس ڳالهائيندي رهيس ته جيئن انٽرويو مڪمل ڪيان.
مٿيرا چيو ته راکي ساونت سڄو انٽرويو بستري تي ليٽي ڪيو، کيس شرم اچڻ گهرجي، بستري تي ليٽي انٽرويو ناهي ڏبو.
هن چيو ڇو ته مان راکي جو انٽرويو آن لائن ڪيو هو، تنهن ڪري هوءَ هر هر رابطو ڪاٽي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، جيڪڏهن ائين ٿي وڃي ها ته چينل جا پيسا ٻڏي وڃن ها، ڀارتي اداڪارا کي انٽرويو جا پيسا ڏنا ويا هئا.
مٿيرا وڌيڪ چيو ته دودي خان نه پر راکي ان جي ڪڍ لڳي هئي، هوءَ تڪرار پيدا ڪندي رهندي آهي، کير جي ڌوتل ناهي، منحوس عورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.