ڪينيا ۾ هنگري ۽ جرمني جي سياحن کي کڻي ويندڙ ننڍو جهاز ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ”ممباسا ايئر سفاري“ هڪ بيان ۾ چيو ته فوتي سياحن مان 8 جو واسطو هنگري، 2 جو واسطو جرمني سان هو، جڏهن ته پائلٽ ڪينيا جو هو، افسوس ته حادثي ۾ ڪو به جيئرو نه بچيو.
ڪينيا جي سول ايوي ايشن اٿارٽي موجب جهاز ڊياني جي سمنڊ کان ڪينيا جي ماسائي مارا نيشنل ريزرو ڏانهن وڃي رهيو هو.
You might also like