شرياس اَئير جي تَري جي انجري ڪيتري خطرناڪ آهي، ڇا ان کانسواءِ ماڻهو جيئرو رهي سگهي ٿو؟

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي نائب ڪپتان شرياس اَئير کي آسٽريليا خلاف ٽِين ۽ آخري ون ڊي ميچ دوران زخمي ٿيڻ کانپوءِ اسپتال داخل ڪيو ويو هو.
ڊاڪٽرن موجب شرياس اَئير جي تَري (Spleen) متاثر ٿي آهي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هاڻ سندس حالت ۾ هوريان هوريان سڌارو اچي رهيو آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) طرفان سندس ٽيم ۾ واپسي بابت ڪا ڄاڻ نه ڏني وئي آهي، پر چيو ويو آهي ته سندس حالت ” مستحڪم“ آهي.
بي سي سي آءِ هڪ بيان ۾ چيو ته ”25 آڪٽوبر 2025 تي سڊني ۾ آسٽريليا خلاف ٽِين ون ڊي دوران فيلڊنگ ڪندي شرياس اَئير کي کاٻي پاسيري جي هيٺئين حصي ۾ ڌڪُ لڳو.“
بيان موجب ” ڪرڪيٽر کي ميدان تي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ کيس اسپتال نيو ويو، جتي اسڪين ۾ سندس تَري متاثر ٿيڻ جي تصديق ٿي، جنهن جو علاج جاري آهي.“
بي سي سي آءِ وڌيڪ چيو ته ”شرياس اَئير جي حالت مستحڪم آهي ۽ سندس صحت ۾ هوريان هوريان سڌارو اچي رهيو آهي، ميڊيڪل ٽيم سڊني ۽ ڀارت ۾ ماهر ڊاڪٽرن سان صلاح مشورا ڪري رهي آهي، ڀارتي ٽيم جو ڊاڪٽر سڊني ۾ شرياس سان گڏ رهندو ۽ روزاني بنياد تي سندس صحت جو جائزو وٺندو.“
تَري ڇا آهي؟
تَري انسان جي جسم جي کاٻي پاسي، پيٽ ۽ ڊائيافرام (يعني پُٺيءَ جو اهو حصو جيڪو ڦڦڙن جي هيٺان هوندو آهي) جي وچ ۾ هوندي آهي، جنهن جي سائيز لڳ ڀڳ هڪ مُٺ جيتري هوندي آهي.
تري جو ڪم رت کي صاف رکڻ، پراڻن ڳاڙهن رت جي خلين (Red Blood Cells) کي ختم ڪرڻ ۽ جسم کي انفيڪشن کان بچائڻ آهي، اها رت لاءِ هڪ قدرتي فلٽر جو ڪردار ادا ڪري ٿي، جيڪا رت کي بئڪٽيريا، وائرس ۽ ٻين هاڃيڪار جزن کان صاف ڪري ٿي.

ڇا تري کانسواءِ به زنده رهجي سگهجي ٿو؟
نيشنل هيلٿ سروس (اين ايڇ ايس) موجب تري کانسواءِ به زنده رهڻ ممڪن آهي، ڇو ته ان جا گهڻا ڪم جسم جا ٻيا عضوا به ڪري سگهن ٿا، پر جن ماڻهن وٽ تر ناهي، اهي مختلف انفيڪشنز لاءِ وڌيڪ حساس ٿي ويندا آهن.
ڪڏهن ڪڏهن ڌڪ سبب تري متاثر ٿي سگهي ٿي يا اها ڦاٽي سگهي ٿي، اِها هڪ طبي هنگامي حالت آهي ۽ زندگي لاءِ خطرو وڌي سگهي ٿو.
ڦاٽڻ جون علامتون هي آهن
کاٻي پاسيري جي پٺيان سور
چڪر اچڻ ۽ دل جي ڌڙڪن وڌڻ
تري جي سوڄ سبب ماني کائڻ وقت ئي پيٽ ڀرجي وڃڻ جو احساس،
کاٻي پاسي سور،
رت جي گهٽتائي، ٿڪ، بار بار انفيڪشن ٿيڻ ۽ آساني سان رت اچڻ به ممڪن آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.