ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت واري وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾ 6 لک کان وڌيڪ عطائي ڊاڪٽر آهن، جن مان 40 سيڪڙو ڪراچي ۾ آهن.
ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي صدارت هيٺ ايڇ آءِ وي جي وڌندڙ ڪيسن ۽ روڪٿام تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڄي صوبي جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ايس ايس پيز آن لائن شرڪت ڪئي.
صحت کاتي جي ترجمان موجب بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 6 لک کان وڌيڪ عطائي ڊاڪٽر آهن، جن مان 40 سيڪڙو ڪراچي ۾ آهن.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايڇ آءِ وي متاثر 3995 ٻارن جا رجسٽرڊ ڪيس آهن، جن مان لاڙڪاڻي ۾ 1144، شڪارپور ۾ 509، شهيد بينظير آباد ۾ 256، ميرپورخاص ۾ 228 ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪيترائي ڪيس موجود آهن.
بريفنگ ۾ چيو ويو ته ايڇ آءِ وي جا ڪارڻ عطائي ڊاڪٽر، غير قانوني ڪلينڪس، غير رجسٽرڊ بلڊ بينڪون آهن، ان کانسواءِ حجمن طرفان استعمال ٿيل بلينڊن جو ٻيهر استعمال، سرنجز جي ري پيڪنگ، اسپتالن جي ويسٽ جو وڪرو به وڏو ڪارڻ آهي.
ڊاڪٽڙ عذرا پيچوهو چيو ته ڪنهن کي به عوام جي زندگين سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، زيرو ٽالرنس پاليسي، ڪا سفارش نه هلندي، سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن، پوليس ۽ ڊي سي عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪن.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ايم اين اي يا ايم پي اي جي سفارش اچي ته مون کي ٻڌايو، مان پاڻ منهن ڏينديس، سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جن مرڪزن کي سيل ڪري، انهن کي ٻيهر کوليندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي، غير رجسٽرڊ بينڪن کي فوري طور بند ڪري لائسنس رکندڙ مرڪزن جي لسٽ فراهم ڪئي وڃي، گڏيل حڪمت عملي سان وبا روڪي سگهجي ٿي.
You might also like