ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گلوڪار ۽ اداڪار فرحان سعيد انڪشاف ڪيو آهي ته هو ڀارت ۾ پاڪستان جي مشهور ملي نغمي ”دل دل پاڪستان“ ڳائڻ کانپوءِ شرپسندن جي حملي کان ذري گهٽ بچي ويو هو.
فرحان سعيد ويجهڙ ۾ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جنهن دوران هن پنهنجي ڪيريئر سميت ماضيءَ ۾ ڀارت جي دوري بابت پڻ ڳالهايو.
هن چيو ته ”مان هڪ ميوزيڪل بينڊ سان گڏ ڀارت جو دورو ڪيو هو، مان دهلي ۾ ’عادت‘ تي پرفارم ڪري رهيو هيس، جنهن دوران اوچتو پاڪستان جو مشهور ملي نغمو ’دل دل پاڪستان‘ ڳائڻ شروع ڪيو، ان کانپوءِ ’جان جان هندوستان‘ چيو ته دهليءَ وارو ڪنسرٽ سپر هٽ ٿي ويو، ان وقت ڪنسرٽ ۾ پنجويهه کان ٽيهه هزار ماڻهو اسان سان گڏ ’دل دل پاڪستان‘ ۽ ’جان جان هندوستان‘ ڳائي رهيا هئا.“
گلوڪار موجب، ڪنسرٽ تان واپسي تي آرگنائزر سميت سڀ خوش هئا، پر ٻن ڏينهن کانپوءِ جڏهن ڪولڪتا ۾ ڪانسرٽ ٿي رهيو هو ته آخري گانو ختم ٿيڻ کان اڳ ئي آرگنائزر ۾ شامل هڪ شخص ڪن ۾ اچي چيو ته ”اهو گانو ختم ٿيندي ئي گاڏي ۾ ويهي وڃو“، اسان جي گاڏي ۾ ويهندي ئي اسان کي کڻي اتان نڪري ويا.
فرحان سعيد ٻڌايو ته ”اسان کي سمجهه نه پئي آيو ته اوچتو اهڙو ڇا ٿيو، پوءِ ٻڌايو ويو ته ڪانسرٽ ۾ ٽي سئو کان چار سئو ماڻهو اسان کي مارڻ لاءِ آيا هئا، تنهن ڪري اسان کي ترت ڪڍيو ويو.“
هن وڌيڪ چيو ته ”هوٽل پهچڻ کانپوءِ آرگنائزر ڪاوڙ ۾ چيو ته اسان توهان لاءِ هيڏو وڏو پروگرام رکيو، هزارين ماڻهو آيا، پر توهان اسٽيج تي ’دل دل پاڪستان‘ ۽ ’جا جا هندوستان‘ ڳايو.“
گلوڪار موجب، ”اتي ماڻهن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته مان ’جان جان هندوستان‘ چيو هو، ’جا جا هندوستان‘ نه، تنهن کانپوءِ فيصلو ڪيو ته اڳتي وري ائين نه ڪنداسين.“
You might also like