ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هن مشورو ڏنو آهي ته ملڪ جي آئين ۾ اهو لکي ڇڏڻ گهرجي ته ناڻي وارو وزير ميمڻ برادري جو هجي.
وڊيو ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪو شخص پيسي کي سمجهندو هجي، ان جو قدر ڄاڻندو هجي ۽ ڄاڻندو هجي ته پيسي کي ڪيئن محفوظ رکيو وڃي ۽ ڪيئن خرچ ڪيو وڃي، اهو ئي ناڻي واري وزير جو اصل ڪم هوندو آهي.
هن چيو ته ملڪ جي تقريبن 10 سيڪڙو معيشت ميمڻ برادري جي ڪنٽرول ۾ آهي ۽ اهي ماڻهو پيسي جي استعمال ۽ ان جي حفاظت جا ماهر سمجهيا وڃن ٿا.
شاهد خاقان عباسي جي ان بيان تي سوشل ميڊيا تي مليل جليل ردعمل سامهون اچي رهيو آهي.
ڪجهه واهپيدارن ان تبصري کي مزاحيا ۽ حقيقت تي ٻڌل قرار ڏنو، جڏهن ته ڪجهه چيو قوميت ۽ برادري جي بنياد تي اهڙي قسم جا بيان ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
You might also like