ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ور اسٽائيل اداڪارا اديتي رائو حيدري اڄ پنهنجي 47هين سالگرهه ملهائي رهي آهي.
اديتي رائو حيدري 28 آڪٽوبر 1978ع تي ڀارتي رياست تلنگانا جي راڄڌاني حيدرآباد دکن ۾ انجنيئر احسن حيدري جي گهر ۾ جنم ورتو، جڏهن ته سندس ماءُ وِديا رائو ڀارتي موسيقي جي ٺمري ۽ دادرا روايتن ۾ تربيت يافته ڪلاسيڪي گلوڪارا آهي.
سندس والدين جو تعلق حيدرآباد رياست جي اشرافيه سان هو، اداڪارا جو ڏاڏو اڪبر حيدري حيدرآباد جو وزيراعظم رهيو، جڏهن ته سندس پڙ ڏاڏو محمد صالح اڪبر حيدري آسام جو گورنر هو.
اديتي رائو حيدري جي ناني شانتي راميشور رائو، حيدرآباد ۾ وديارنيا هاءِ اسڪول جي باني ۽ پرنٽنگ پريس ۽ رينٽ بليڪ سو ان جي چيئرپرسن هئي.
وديا رائو راجا جئه راميشور رائو جي ويڳي ڌيءَ آهي، جيڪو واناپرٿي جو آخري حڪمران راجا هو، جيڪا حيدرآباد جي انتظام هيٺ هڪ مشهور جاگيرداراڻي رياست هئي، فلمساز ڪرن رائو اديتي جو ماسات آهي.
ننڍي عمر ۾ اديتي جي والدين ۾ عليحدگي ٿي وئي هئي، سندس پرورش ماءُ حيدرآباد ۽ دهلي ۾ ڪئي.
اداڪارا شروعاتي تعليم رِشي ويلي اسڪول مان پرائي، جيڪو ڪرنمورتي فائونڊيشنز جي انتظام هيٺ هڪ رهائشي ادارو آهي، ان کانپوءِ دهلي يونيورسٽي جي ليڊي شري رام ڪاليج مان گريجوئيشن مڪمل ڪئي.
هوءَ ننڍپڻ کان ئي ڪلاسيڪي آرٽ جي اثر هيٺ رهي، پنجن ورهين جي عمر ۾ ڀرٿ ناٽيم سکڻ شروع ڪيائين ۽ پوءِ مشهور رقاصه ليلا سيمسن کان تربيت ورتي.
هوءِ ٽن ورهين جي هئي جڏهن ته سندس والدين ۾ عليحدگي ٿي وئي ، پر ان باوجود اداڪارا پنهنجي ٻنهي والدين جا خانداني نالا ”رائو“ ۽ ”حيدري“ کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻائي ڇڏيو.
هن پنهنجي فني سفر جي شروعات 2006ع ۾ ماليالم فلم”پرجاپتي“ ذريعي ڪئي، جڏهن ته شروعاتي شهرت کيس بالي ووڊ فلم”دهلي-6“ ذريعي ملي.
ان کانپوءِ هن”يه سالي زندگي“۾ شاندار ڪارڪردگي تي بهترين مددگار اداڪارا جو ايوارڊ حاصل ڪيو.
ان کان پوءِ هوءَ”راڪ اسٽار“، ”مرڊر ٿري“، ”وزير“۽ سنجي ليلا ڀنسالي جي تاريخي فلم”پدماوت“۾ به نظر آئي، جنهن لاءِ کيس بهترين مددگار اداڪارا جو آئيفا ايوارڊ ڏنو ويو.
ڳجهي شادي ۽ عليحدگي
سال 2004ع ۾ اها خبر سامهون آئي ته حيدري 2002ع ۾ اداڪار ۽ اڳوڻي وڪيل ستياديپ مشرا سان ڳُجهي شادي ڪئي هئي، جڏهن ته 2012ع ۾ هڪ انٽرويو دوران هن شاديءَ بابت ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو، پر 2013ع ۾ تصديق ڪئي ته ٻنهي جا رستا ڌار ٿي چڪا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، اديتي جي ستياديپ سان ملاقات ان وقت ٿي هئي جڏهن سندس عمر 17 سال هئي، عليحدگي کانپوءِ به ٻنهي جا لاڳاپا خوشگوار رهيا.
ان کانپوءِ اداڪارا جي بالي ووڊ اداڪار سڌارٿ سان 2021ع ۾ ملاقات ٿي، جيڪا پوءِ محبت ۾ تبديل ٿي، جوڙي 28 مارچ 2024ع تي پنهنجي مڱڻي جو اعلان ڪيو.
اديتي رائو حيدري 16 ڊسمبر 2024ع تي واناپرٿي جي سري نائيڪ سوامي مندر ۾ سڌارٿ سان شادي ڪئي.
اداڪارا مختلف او ٽي ٽي پليٽ فارمز تي پڻ پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاري چُڪي آهي، جن ۾ ” تاج ڊيوائيڊڊ باءِ بلڊ“، ” جوبلي“ ۽ ” هيرا منڊي“ شامل آهن.