هنڊائي پاڪستان ۾ پنهنجي مقبول گاڏي SUV Tucson Hybrid AWD لاءِ بنا وياج قسطن تي نئين اسڪيم متعارف ڪرائي ڇڏي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته ان منصوبي جو مقصد گاڏي کي عام خريدارن تائين پهچ جوڳو بڻائڻ آهي.
اها آڇ Tucson Hybrid Signature AWD ويريئنٽ تي دستياب آهي.
ايڪس فيڪٽري قيمت: هڪ ڪروڙ 22 لک 40 هزار رپيا
ڊائون پيمينٽ: 50 سيڪڙو (يعني 66 لک 20 هزار رپيا)
ماهوار قسط: 3 لک 40 هزار رپيا
مدو: 18 مهينا
وياج جي شرح: 0
ڪمپني موجب سموريون انتظامي چارجز ان پلان ۾ شامل آهن، جڏهن ته گاڏي تي 4 سال يا هڪ لک ڪلو ميٽر جي جنرل وارنٽي ۽ 8 سال يا هڪ لک 60 هزار ڪلو ميٽر جي بيٽري وارنٽي به ڏني پئي وڃي.
هنڊائي ٽڪسن هائبرڊ جديد هائبرڊ ٽيڪنالاجي، بهترين فيول ايفيشنسي ۽ آل وهيل ڊرائيو ڪارڪردگي جي ميلاپ سان پيش ڪئي وئي آهي.
ڪمپني موجب خريدار ويجهي هنڊائي ڊيلرشپ تان تفصيل وٺي سگهن ٿا يا ٽيسٽ ڊرائيور لاءِ بڪنگ ڪرائي سگهن ٿا.
You might also like