ڀارت سان واسطو رکندڙ هڪ ايئر لائن جي ڪيبن ڪريو ميمبر انڪشاف ڪيو آهي ته هو اڏام دوران مسافرن کي پيش ڪيو ويندڙ کاڌو پاڻ ناهن کائيندا پر پنهنجي لاءِ ريسٽورنٽ يا گهر جو الڳ کاڌو کائيندا آهن.
عورت ڪريو ميمبر موجب فلائيٽ جو کاڌو صحت لاءِ موزون ناهي هوندو، ڇو ته ان ۾ سوڊيم جو مقدار گهڻو هوندو آهي، جهاز ۾ فراهم ڪيو ويندڙ کاڌو اڏام کان 24 کان 48 ڪلاڪ اڳ تيار ڪيو ويندو آهي، اهو اڳ ۾ پچايو ويندو آهي، پوءِ ٿڌو ڪري فريز ڪيو ويندو آهي، پوءِ فلائيٽ ۾ لوڊ ڪري ريفريجريٽر ۾ رکيو ويندو آهي ۽ مسافرن کي پيش ڪرڻ کان اڳ اوون ۾ ٻيهر گرم ڪيو ويندو آهي.
هن ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو مسافر چئي ته هو پنهنجو کاڌو ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ کائيندو ته اهو ٻيهر استعمال جهڙو ناهي رهندو ۽ ان کي اڇلائڻو پوندو آهي، ان کاڌي کي ٻيهر گرم به نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته ان صورت ۾ خراب ٿي ويندو آهي.
سندس موجب اهو ئي سبب آهي جو ڪيبن ڪريو ميمبرن جو وڏو انگ فلائيٽ جو کاڌو کائڻ کان پاسو ڪندو آهي ۽ گهر جو تازو پڪل يا ٻاهران گهرايل کاڌو کائيندو آهي.
You might also like