رياض (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ شامل آهي، ان آفت سان ٿيندڙ نقصانن جي ازالي لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو حصو وجهڻو پوندو.
رياض ۾ فيوچر انويسٽمينٽ انيشيٽو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي ترقي جي ويزن جي آجيان ڪيون ٿا.
هن چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، اسان ملڪي ترقي لاءِ انقلابي قدم کڻي رهيا آهيون ۽ مختلف کاتن ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي.
سندس چوڻ هو ته هلندڙ سال پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڏ ۽ ڪلائوڊ برسٽ جو شڪار ٿيو، موسمياتي تبديلين اڳيان بيوس آهيون، پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هر هر قرض وٺڻ سان معيشت ڪمزور ٿي ويندي آهي.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان تيزي سان اي آءِ ڏانهن وڌندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، ڪوشش آهي ته پاڪستان جي زراعت کي ٽيڪنالاجي سان جوڙيو وڃي.
شهباز شريف چيو ته اسان پنهنجي غلطين سان سکي اڳتي وڌي رهيا آهيون، ايف بي آر ۾ سڌارا ڪري مڪمل ان کي ڊجيٽلائز ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ڪرپشن گهٽي آهي.
پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال، موسمياتي تبديلين سبب بيوس آهيون: وزيراعظم
You might also like