”ميدان ۾ ڪم ايندڙ تجربو اهم آهي“ فلينڊر، نعمان علي کي پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ رول ماڊل قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر ورنن فلينڊر تجربيڪار پاڪستاني اسپنر ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽر نعمان عليءِ کي ساراهيندي کيس پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ رول ماڊل قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ انٽرويوءَ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي بالنگ ڪنسلٽنٽ ورنن فلينڊر ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ نعمان علي جي تسلسل سان ڪارڪردگي ۽ نظم ۽ ضبط کي ساراهيندي چيو ته ” اسان تجربي جي ڳالهه ڪيون ٿا، پر تجربو تڏهن ئي اهم آهي جڏهن توهان ميدان ۾ پرفارم ڪريو ٿا.“
ورنن فلينڊر چيو ته نعمان علي پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ بهترين رول ماڊل آهي، گذريل ڏيڍ ورهين دوران هو بهترين فارم ۾ آهي، بالنگ ۾ جنهن طريقي سان هو ڪنٽرول رکي ٿو، اهو ننڍي کنڊ ڪنڊيشنز لاءِ نهايت اهم آهي.
فلينڊر نعمان علي جي درست لائين ۽ لينٿ جي واکاڻ ڪندي چيو ته کيس ٽارگيٽ ڪرڻ سولو ناهي، هو بيٽر کي تمام گهٽ موقعو ڏئي ٿو ۽ بيٽر کي سندس خلاف کيڏندي تمام محتاط رهڻو پوي ٿو.
واضح رهي ته 39 ورهين جو نعمان علي هن وقت پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جو اهم بالر آهي، هن ڊگهي فارميٽ ۾ 21 ٽيسٽ ميچن ۾ گرين شرٽس جي نمائندگي ڪندي 97 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.