واٽس ايپ فون اسٽوريج وارو مسئلو حل ڪري ڇڏيو

جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ اپيليڪيشن واٽس ايپ طرفان لڳاتار ڪيئي نوَن ۽ دلچسپ فيچرز تي ڪم جاري آهي ته جيئن واهپيدارن کي ٻين سروسز ڏانهن رخ نه ڪرڻو پوي.
اهڙو ئي هڪ نئون فيچر تمام جلد ميسيجنگ ايپ جو حصو بڻجڻ وارو آهي، جنهن جو مقصد سمارٽ فونز جي اسٽوريج کي محفوظ رکڻ آهي.
اهو چوڻ غلط نه هوندو ته واٽس ايپ ذريعي ماڻهن کي تمام گهڻا پيغام موصول ٿين ٿا، جن ۾ موجود تصويرون ۽ وڊيوز سبب سمارٽ فون جي اسٽوريج جلدي ڀرجي ويندي آهي، پر هي نئون فيچر انهي مسئلي جو حل ثابت ٿيندو.
ڊبليو اي بيٽا اِنفو جي هڪ رپورٽ موجب، اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس لاءِ واٽس ايپ جي بيٽا ورزنز ۾ هڪ نئون فيچر آزمايو پيو وڃي.
نيو اسٽوريج مئنيجمينٽ نالي هن فيچر جي ذريعي واهپيدار طئي ڪندا ته هر چيٽ ۾ ڪهڙي ڪانٽيڪٽ جي پيغام ۾ موجود ميڊيا فائلون، جهڙوڪ تصويرون، وڊيوز يا پي ڊي ايف فائلون، فون ۾ محفوظ ٿيڻ گهرجن.
هي نئون فيچر هر چيٽ جي ڪانٽيڪٽ انفارميشن اسڪرين ۾ موجود هوندو.
رپورٽ موجب، فيچر ذريعي واهپيدار سڌو چيٽ جي انفارميشن پيج ۾ وڃي اسٽوريج مينيج ڪري سگهندا.
واٽس ايپ ۾ اڳ ئي ”مينيج اسٽوريج“ نالي هڪ فيچر موجود آهي، جنهن تائين پهچ ايپ جي سيٽنگز ذريعي ٿيندي آهي، پر هاڻي ان کي سڌو چيٽ جو حصو بڻائڻ سان واهپيدارن لاءِ وڏين ميڊيا فائلز کي ڏسڻ يا ڊليٽ ڪرڻ وڌيڪ سولو هوندو، اهو به چيٽ مان ٻاهر نڪرڻ کان سواءِ.
اتي ”نيو“، ” اولڊسٽ“ ۽ ” لارجسٽ“جهڙا آپشنز به موجود هوندا ته جيئن مخصوص فائلز آساني سان ڳولي سگهجن.
اهڙن فائلز کي هڪ ئي وقت ڊليٽ ڪرڻ به ممڪن هوندو، جڏهن ته انهن کي ”اسٽارڊ“ پڻ ڪري سگهبو ته جيئن چيٽ اندر انهن کي ڳولڻ ۾ سولائي ٿئي.
جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته هي فيچر هن وقت رڳو واٽس ايپ جي بيٽا ورزنز ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي، تنهنڪري اهو چوڻ مشڪل آهي ته هي فيچر سڀني واهپيدارن لاءِ ڪيستائين دستياب ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.