پ پ کي آزاد ڪشمير جي ڪجهه مهينن واري حڪومت جي لالچ ڇو؟

تحرير: نصرت جاويد

2013ع ۾ جڏهن هڪ دڪان ۾ ويس ته هڪ ڪتاب تي نظر پئي. ڪتاب جو نالو هو "Kashmir: The Unwritten History” يعني ”ڪشمير جي اڻ لکيل تاريخ“. اهو نالو ڏسندي ئي مون سمجهيو ته شايد هي ڪتاب ولاريل ڪشمير بابت اهي ڳالهيون بيان ڪندو، جيڪي اڃا تائين عام نه ٿيون آهن. ڪتاب کي شيِلف مان ڪڍي، ان جو پيش لفظ ۽ ڪجهه صفحا اٿلائي ڏٺم ته حيرت ۽ تجسس پيدا ٿيو. اهو ڪتاب آسٽريليا جي هڪ نوجوان ليکڪ ڪرسٽوفر سنيڊن (Christopher Snedden) وڏي محنت سان اسلام آباد ۽ آزاد ڪشمير جي ڪيترن ئي تحقيقي دورن کان پوءِ لکيو هو. هن جو خيال هو ته "آزاديءَ جي جنگ” صرف پختون قبائلي گروهن نه لڙي هئي، پر اصل ۾ ڏکڻ اولهه ڪشمير جي علائقن ۾ پاڪستان سان الحاق جو جذبو تمام تيزيءَ سان اڀريو هو، جنهن جي نتيجي ۾ آزاد ڪشمير وجود ۾ آيو. پر وقت سان گڏ هن علائقي جا سياسي، انتظامي ۽ معاشي حالتون اهڙيون ٿي ويون جو اهو تدريجي طور اسلام آباد جو محتاج بڻجي ويو.

ڪرسٽوفر هن "محتاجي” جي احساس کي انگن اکرن سان ثابت ڪندي خبردار ڪيو ته آزاد ڪشمير جي نئين نسل ۾ هي احساس ذهني انتشار ۽ بي چينيءَ جو سبب بڻجي رهيو آهي. تنهن ڪري اسلام آباد ۽ پاڪستان جي سياسي قيادت لاءِ ضروري آهي ته هو نوجوانن جي دلين ۾ ٻرندڙ جذبات تي ڌيان ڏئي، ۽ انهن جو ڪو عملي حل ڳولين.

مون اهو ڪتاب خريد ڪري ٻن ڏينهن ۾ پڙهيو ۽ ان جا اهم نڪتا لڪيرون ڏئي نمايان ڪيا. پوءِ ڪتاب ۾ ڄاڻايل حقيقتن ۽ خدشن کي هڪ ڪالم ۾ به بيان ڪيو. پر ڪالم ڇپجڻ کان پوءِ آزاد ڪشمير جي ڪنهن به سياستدان يا "ماهرِ امورِ ڪشمير” منهنجي نه ساراهه ڪئي، نه تنقيد. البت دهليءَ ۾ ويٺل اٺ کن انگريزي لکندڙن، جيڪي ڪشمير تي رايا ڏيندا رهن ٿا، مون کي اي ميل ذريعي ڪجهه سوال موڪليا. ڪرسٽوفر پنهنجي ڪتاب ۾ بيگم سرفراز اقبال جو خاص شڪريو ادا ڪيو هو. بيگم صاحبه مون جهڙن ڪيترن ئي لکڻ وارن کي به تحقيق ۽ مواد گڏ ڪرڻ لاءِ همٿائينديون هيون. سندن ڌيءَ ڊاڪٽر ثمينه اقبال آسٽريليا جي پرتھ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ مڃيل استاد آهي، پر اسان جهڙا بيوقوف سندس قابليت کي "گهر جي مرغي” سمجهندا رهياسين. منهنجو ڪالم ڇپجڻ کان پوءِ ڊاڪٽر ثمينه مون کي ڪرسٽوفر سان ڊگهي ٽيليفونڪ ڳالهه ڪرائي.

صحافت کي جڏهن باقاعدي پيشو بڻايو ته سياست، عالمي معاملن ۽ خاص طور تي پاڪستان ڀارت لاڳاپن بابت رپورٽنگ منهنجي ذميوارين جو حصو بڻجي وئي. ان سبب مون کي ڪشمير مسئلي جي اهميت جو گهرو احساس ٿيو. پر افسوس سان چوڻ ٿو پوي ته مان "آزاد ڪشمير” جي ڀيٽ ۾ "مقبوضه ڪشمير” بابت گهڻو ڄاڻندو آهيان. مظفرآباد جي سياستدانن مان صرف مرحوم سردار قيوم سان ڪجهه ملاقاتون ٿيون، ۽ بيرسٽر سلطان محمود سان به گهري لاڳاپا رهيا، پر انهن سان ملاقاتن باوجود آزاد ڪشمير جي سياسي حرڪتن کي سمجهڻ جي بصيرت حاصل نه ٿي سگهي. جڏهن پرنٽ ميڊيا کان ٽي وي صحافت ڏانهن رخ ڪيو ته مشتاق منهاس سان گڏجي هڪ پروگرام ڪرڻ دوران ڀائراڻو رشتو قائم ٿيو. 2015ع کان پوءِ هن صحافت ڇڏي، ۽ آزاد ڪشمير جي سياست ۾ اچي ويو. ان هوندي به اسان جي وچ ۾ سياسي بحث گهٽ ٿيندو هو. حقيقت اها آهي ته مون جهڙا "دانشور صحافي”، جيڪي هر خبر تي نظر رکڻ جو دعويٰ ڪن ٿا، آزاد ڪشمير بابت بنيادي طرح اڻڄاڻ آهن. منهنجي محدود ڄاڻ موجب آزاد ڪشمير ۾ ميرپور شامل آهي، جتان جي اڪثريت ٻي عالمي جنگ کان پوءِ برطانيا لڏي وئي. باغ جو نالو مون گهڻو ڪري مشتاق منهاس کان ٻڌو، ۽ مظفرآباد جي خوبصورتيءَ جو ذڪر ته ڪيو، پر اتي جي سياسي سوچ سان ڪڏهن واقفيت نه ٿي.

آزاد ڪشمير جي سياست ۾ منهنجي بي دلچسپيءَ جو هڪ سبب اهو به رهيو آهي ته 1985ع کان پوءِ هر چونڊ کان پوءِ اها ئي پارٽي اقتدار ۾ آئي، جيڪا اسلام آباد ۾ حڪومت ۾ هوندي هئي. اهو سلسلو 2018ع تائين هلندو رهيو. جڏهن عمران خان وزيراعظم ٿيو ته آزاد ڪشمير ۾ به تحريڪ انصاف جو پلڙو ڳرو نڪتو. عمران خان جي عادت آهي ته هو نوان چهرا اڳيان آڻڻ چاهي ٿو، تنهن ڪري هن عبدالقيوم نيازي کي وزيراعظم بڻايو، پر هو بزدار ۽ محمود خان وانگر گهڻو نه هليو. نيازيءَ خلاف بغاوت ٿيڻ بعد سردار تنوير الياس کي وزيراعظم بڻايو ويو، پر هو به گهڻي دير تائين اڪثريت کي مطمئن نه رکي سگهيو. آخرڪار چوڌري انوارالحق کي سڀني سياسي جماعتن جي سهڪار سان وزيراعظم بڻجڻو پيو. جڏهن "چونڊيل قيادت” مان "اپوزيشن” جو وجود ئي ختم ٿي ويو ته عوامي ايڪشن ڪميٽي نالي هڪ تحريڪ اڀري، جنهن ۾ اڪثريت نوجوانن جي هئي. هن ڪميٽي ٻن ڀيرا آزاد ڪشمير جي حڪومت کي زبردست احتجاج ذريعي پريشان ڪيو. تازو تحريڪ تي ضابطو آڻڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي پاڻ ڳالهين ۾ لهڻو پيو، جنهن کان پوءِ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ۽ اسيمبلي جو وقار تقريبن ختم ٿي ويو.

انهيءَ باوجود عجيب ڳالهه اها آهي ته ان بي‌اختيار وزارتِ اعظميٰ واري ڪرسيءَ ۾ اڃا به ڪا اهڙي "ڪشش” باقي آهي، جيڪا پيپلز پارٽي کي اها ڪرسي حاصل ڪرڻ لاءِ بي تاب ڪري رهي آهي. نواز شريف جي مسلم ليگ پيپلز پارٽيءَ جي واٽ ۾ ڪا رڪاوٽ نه ٿي وجهڻ چاهي. فيصلو ته ائين ٿيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ جيڪڏهن پيپلز پارٽي حڪومت ٺاهي ٿي، ته مسلم ليگ "اپوزيشن” ۾ ويهي رهندي. ممڪن آهي ته آزاد ڪشمير ۾ نيون چونڊون اٺ کان ڏهه مهينن بعد ٿين. ان عرصي ۾ نواز شريف جي مسلم ليگ "اپوزيشن” جو ڪردار ادا ڪندي پنهنجي ساک بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، ته جيئن وفاق ۾ شهباز حڪومت جي موجودگيءَ ۾ ايندڙ چونڊن ۾ آزاد ڪشمير ۾ به اقتدار حاصل ڪري سگهي

. پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن سياست جو رخ اڳواٽ ئي طئي آهي، ته پوءِ پيپلز پارٽي کي فقط چند مهينن جي حڪومت وٺڻ جي اها بيچيني ڇو آهي؟ ۽ جيڪڏهن پيپلز پارٽي حڪومت سنڀاليندي آهي، ته ان کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته عوامي ايڪشن ڪميٽي سان ڪجهه وعدا ڪيا ويا آهن. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ جو وزيراعظم اهي وعدا وساري ويٺو ته آزاد ڪشمير ۾ هڪ نئون بحران جنم وٺي سگهي ٿو، جنهن ۾ وفاقي حڪومت شايد دلچسپي نه ڏيکاري. اهي ئي سوال منهنجي ذهن ۾ آهن، جيڪي مون هن ليک ۾ بغير ڪنهن پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ سان ڳالهائي بيان ڪيا آهن ان اميد سان ته شايد ڪٿي نه ڪٿي مان مطمئن ڪندڙ جواب حاصل ڪري سگهان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.