هُو "بلوچ” هو

تحرير: عزيز سنگهور

 22 آڪٽوبر 2025ع جي شام، سنڌ پوليس جي اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ (SIU) جي اهلڪارن 14 سالن جي عرفان بلوچ کي ڪراچيءَ جي علائقي عائشه منزل مان ٻين ٽن ساٿين سان گڏ گرفتار ڪيو. پوليس جو چوڻ هو ته انهن کي ڪنهن واردات جي شڪ ۾ حراست ۾ ورتو ويو آهي، پر ڪجهه ڏينهن پوءِ پاڻ پوليس مڃي ورتو ته عرفان سميت سڀئي چار نوجوان بيگناهه هئا۔ ٽنهي کي سخت تشدد کان پوءِ ڇڏيو ويو، پر چوٿون، عرفان بلوچ، زنده واپس نه آيو۔ 23 آڪٽوبر جي شام پوليس وارثن کي هڪ ٿڌي لهجي ۾ اطلاع ڏنو ته  "توهان جو پٽ دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو آهي، اچي لاش وٺي وڃو.”

لاش جناح اسپتال جي سرد خاني ۾ پيل هو.

 عرفان بلوچ جو تعلق بهاولپور جي علائقي بيٽ احمد سان هو، هڪ اهڙي ڳوٺ سان جتي تازين ٻوڏن مٽيءَ جا گهر، پوکون ۽ خواب سڀ ڪجهه وهائي ڇڏيا هئا۔ بک ۽ بيروزگاريءَ کيس روزگار لاءِ ڪراچيءَ آندو، پر هتي کيس مزدوري نه، پر موت ملي۔

پوليس رپورٽ موجب، عرفان بلوچ حراست دوران دل جي دوري سبب فوت ٿيو، پر پاڙي وارن، اکين ڏٺل شاهدن ۽ آزادي ماڻيندڙ ٽنهي نوجوانن ٻڌايو ته انهن تي بيدرديءَ سان تشدد ڪيو ويو۔ سندن جسم تي بجليءَ جا نشان، ڏنڊن جا زخم ۽ اذيتن جا اثر صاف نظر اچي رهيا هئا۔ عرفان جو اصل جرم صرف اهو هو ته هو "بلوچ” هو۔ چاهي هو ڊيره جات جو بلوچ هجي، سنڌ جو بلوچ هجي يا بلوچستان جو  هاڻي هن سڃاڻپ سان زنده رهڻ ئي جرم بڻجي ويو آهي۔

بلوچ کي سندس سڃاڻپ کان محروم ڪري صرف هڪ "مشڪوڪ شهري” بڻائي ڇڏيو آهي۔ هاڻي بلوچ لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ تي لکيل "پاڪستاني” هجڻ به ڪافي ناهي۔ پوليس جڏهن ڪنهن بلوچ نوجوان کي ڏسي ٿي ته ان جي اکين ۾ اڳواٽ ئي هڪ طئي ٿيل مجرم ڏسڻ لڳي ٿي۔ اها سوچ ئي عرفان بلوچ جهڙن معصوم ٻارن جون لاشون سرد خاني تائين وٺي اچي ٿي۔  عرفان جو واقعو ڪو پهريون ناهي، نه آخري ٿيندو۔ بلوچستان جي جبلن کان وٺي سنڌ جي ڪنارن تائين، ۽ ڊيره جات جي ٻنين کان وٺي ڪراچيءَ جي گلين تائين، بلوچ هجڻ هاڻي هڪ مستقل شڪ جي علامت بڻجي چڪو آهي۔ ڪڏهن دهشتگرد، ڪڏهن غدار، ڪڏهن اسمگلر ۽ ڪڏهن غير رياستي عنصر چيو وڃي ٿو  پر انهن سڀني ليبلن جي پٺيان هڪ ئي چهرو آهي، ۽ اهو آهي بلوچ هجڻ جو چهرو۔

عرفان جهڙا سئوکن نوجوان رڳو انهيءَ ڪري تشدد ۽ موت جو شڪار ٿين ٿا، جو سندن نالي سان بلوچ لڳل هوندو آهي۔ عرفان بلوچ جي ڪهاڻي ياد ڏياري ٿي ته پاڪستان ۾ بلوچ هجڻ هاڻي فقط هڪ قوميت نه رهي آهي  اهو هڪ الزام بڻجي چڪو آهي۔ بلوچ جيڪڏهن پنهنجي زمين تي ڳالهائي ته الڳ وادي پسند سڏبو، جيڪڏهن مزدوريءَ لاءِ شهر اچي ته مشڪوڪ، ۽ جيڪڏهن خاموش رهي ته غير ذميوار۔ گويا بلوچ لاءِ جيئڻ جو ڪو به محفوظ رستو باقي نه رهيو آهي۔ عرفان بلوچ مري ويو، پر سندس ڪهاڻي زنده آهي۔ اها ڪهاڻي ياد ڏياري ٿي ته بلوچ مزدور هجي يا شاعر، شاگرد هجي يا ڊاڪٽر  سڀ هڪ جهڙي شڪ جي زنجير ۾ جڪڙيل آهن۔ رياست جي ٺاهيل سڀ بيانيائون هڪ پاسي، پر عرفان بلوچ جي لاش پاڻ ۾ هڪ زنده سوال آهي، آخر بلوچ هجڻ ڪڏهن کان جرم بڻجي ويو آهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.