عديل اڪبر جي خودڪشي هڪ سواليا نشان؟

تحرير: محسن گورايه

اسلام آباد پوليس جي هڪ ايس پي، عديل اڪبر جي خودڪشي هڪ ڀيرو وري اسان جي بيوروڪريٽڪ نظام، خاص طور تي پوليس سروس سان لاڳاپيل آفيسرن ۽ اهلڪارن جي حالتن تي ڳرا سوال اٿاري ڇڏيا آهن. هي واقعو نه رڳو انساني الميو آهي، پر موجوده ”ڊنگ ٽپائو“ نظام جي ننگي حقيقت به ظاهر ڪري ڇڏي آهي. پوليس آفيسر کي آخر ڪهڙين حالتن ۾ پاڻ کي ماري ڇڏڻ تي مجبور ٿيڻو پيو؟ ان جا سبب جلد يا دير سان سامهون ايندا، پر اهو يقين آهي ته اسلام آباد پوليس جو فرض شناس ۽ قابل آفيسر، آءِ جي علي ناصر رضوي، ان واقعي جا محرڪ ضرور پرکيندو ته جيئن ڪو ٻيو عديل اڪبر هن نظام جي ور نه چڙهي.  مرحوم عديل اڪبر جو ڀاءُ علي اڪبر، هڪ ايماندار ۽ محنتي سينيئر سپرنٽنڊنٽ جيل آهي. مان پاڻ ڪئناڊا ۾ هجڻ سبب شخصي طور تعزيت لاءِ به وڃي نه سگهيس، پر سوچيان ٿو ته اهو خاندان هن صدمي کي ڪيئن برداشت ڪندو؟ دل ڏک سان ڀرجي وڃي ٿي.

هن واقعي کان پوءِ مون ڪئناڊا جي بيوروڪريٽڪ نظام بابت عام ماڻهن کان به پڇڻ شروع ڪيو ۽ ان تي تحقيق به ڪئي ته آخر ڪئناڊا جو نظام ڪامياب ۽ اسان جو ناڪام ڇو آهي؟ ڪئناڊا، دنيا جي ترقي يافته ملڪن مان هڪ آهي، جنهن جو دفتري نظام شفاف، منظم ۽ ميرٽ تي ٻڌل هجڻ ڪري ماڊل طور مڃيل آهي. ان جي ابتڙ، پاڪستان جو بيوروڪريٽڪ ڍانچو اڃا تائين بيٺڪيتي ورثي ۽ سياسي مداخلتن جي زنجير ۾ جڪڙيل آهي. ٻنهي ملڪن جي نظام کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته ڏسون ته اتي ڪم ڪندڙ آفيسرن لاءِ حالتون ڪهڙيون آهن ۽ رياست انهن جي نفسياتي ۽ سماجي تحفظ کي ڪيتري حد تائين يقيني بڻائي ٿي.ڪئناڊا ۾ هر عهدو ”پبلڪ سروس ڪميشن آف ڪئناڊا“ جي ذريعي مڪمل شفاف طريقي سان ڀريو ويندو آهي، جتي اميدوار جي تعليم، تجربو، رابطي جي صلاحيت ۽ ڪردار جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو آهي. هتي ڪنهن به آفيسر کي سياسي دٻاءُ برداشت ڪرڻو نه ٿو پوي نه ئي ڪنهن  وزير يا پارليامينٽ ميمبر جي ذاتي مفاد لاءِ ڪم ڪرڻو پوي ٿو. جيڪڏهن ڪو سياستدان ڪنهن آفيسر تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري، ته اهو سڌي طرح قانون جي ڀڃڪڙي سمجهي ويندي آهي، جنهن جا سخت نتيجا نڪرندا آهن. ڪئناڊا جي بيوروڪريسي اداري جي آزادي ۽ جوابدهي جي ميلاپ تي بيٺل آهي. هر فيصلو دستاويز طور موجود هوندو آهي، هر قدم جي رپورٽ تيار ٿيندي آهي ۽ هر سرڪاري عمل شهري سوالن جي جوابدهي لاءِ پابند هوندو آهي. اهو ئي بنيادي فرق آهي، جيڪو ڪئناڊا کي پاڪستان جهڙن ملڪن کان الڳ ڪري ٿو.

پاڪستان ۾ دفتري نظام هاڻي ”ميرٽ بمقابله مصلحت“ ۾ بدلجي ويو آهي. بدقسمتي سان سياسي اثر، سفارش، گروهي دٻاءُ ۽ عدم تحفظ جا عنصر ايترا گهرا ٿي ويا آهن جو هڪ آفيسر جي حوصلا شڪني ٿئي ٿي. مقابلي جي ڏکين امتحانن مان گذرڻ کان پوءِ جڏهن ڪو آفيسر عملي زندگي ۾ اچي ٿو، ته کيس هر قدم تي سياسي، انتظامي ۽ مالي دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اعليٰ عهدن تي مقرريون ميرٽ بدران ذاتي لاڳاپن يا پسند جي بنياد تي ٿين ٿيون، جنهن ڪري ڪيترائي محنتي آفيسر مايوسي، اڪيلائي ۽ ذهني دٻاءُ ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا. ڪڏهن اهو دٻاءُ خودڪشي جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو، جيڪو نه رڳو انفرادي الميو آهي پر اداري جي ناڪاميءَ جو اعلان به آهي.هن رجحان جي پٺيان وڏا سبب آهن  انتظامي دٻاءُ، سياسي مداخلت ۽ انساني حد کان وڌيڪ ڪم جو بوجھ. ڪيترن آفيسرن کي حڪم ڪيو ويندو آهي ته ڪنهن سياستدان يا بااثر شخص جي خواهش پوري ڪئي وڃي، ڀلي اهو قانون جي ابتڙ ڇو نه هجي. جيڪو انڪار ڪري، تنهن کي عهدو ڇڏيڻو پوي ٿو يا انتقامي ڪارروائيءَ جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. هڪ ڊپٽي ڪمشنر يا پوليس آفيسر کي 24 ڪلاڪ هر قسم جي هنگامي حالتن، دوري، احتجاج، ميڊيا جي دٻاءُ ۽ عوامي شڪايتن جو منهن ڏيڻو پوي ٿو. کيس آرام يا ذاتي زندگي لاءِ وقت ئي نٿو ملي. اهڙي حالت ۾ ذهني ۽ نفسياتي توازن ٽٽي پوي ٿو. بدقسمتي سان پاڪستان ۾ نه ته آفيسرن لاءِ ڪو مؤثر نفسياتي صلاح مشوري جو نظام آهي، نه ئي دٻاءُ گهٽائڻ جا ادارا موجود آهن، جنهن سبب ذهني بيماريون وڌي رهيون آهن.

اهو ذهني تڪرار گهڻو ڪري ازدواجي ۽ خانداني زندگي کي به متاثر ڪري ٿو. ڪيترائي حساس طبيعت وارا آفيسر هن دٻاءُ کي برداشت نه ڪري سگهندا آهن ۽ آخرڪار زندگيءَ تان هٿ کڻڻ جهڙو الميو جنم وٺي ٿو، جيڪو نه رڳو فرد جي تباهي آهي پر سڄي نظام جي اخلاقي موت آهي. ان جي ابتڙ، ڪئناڊا ۾ هر سرڪاري ملازم کي ذهني صحت جي حوالي سان مڪمل اداري تحفظ حاصل آهي. آفيسرن جا ڪم جا وقت محدود ۽ انساني ضرورتن جي لحاظ سان مقرر ٿيل آهن. ڪنهن کان به 24 ڪلاڪ ڊيوٽي جي اميد نه رکي ويندي آهي. جيڪڏهن اضافي ذميواري ملي ٿي ته ان جي بدلي ۾ اوور ٽائيم يا موڪل ڏني ويندي آهي. هتي ڪنهن آفيسر کي پنهنجو عهدو يا نالو بچائڻ لاءِ غير قانوني حڪم مڃڻو نه پوي ٿو ڪئناڊا ۾ ادارا مضبوط آهن، شخصيتون نه  ۽ اهو ئي ادارا مضبوط ٿيڻ جو راز آهي، جيڪو آفيسرن کي ذهني سڪون ۽ وقار ڏئي ٿو.

پاڪستان ۾ پوليس جو نظام مڪمل طور ”هميشه ڊيوٽي تي“ آهي. هڪ ايس ايڇ او يا ڊي ايس پي کي رات ڏينهن هر هنگامي واقعي، احتجاج، يا سياسي حڪم لاءِ موجود رهڻو پوي ٿو. نه موڪل، نه ننڊ، نه خاندان لاءِ وقت. نتيجي ۾ ٿڪ، چڙچڙاهٽ، بداخلاقي ۽ ڪرپشن جهڙا رويا وڌن ٿا. ڇو ته ٿڪيل انسان نه ته اخلاقي طور مضبوط رهي سگهي ٿو، نه عوام سان نرم.ان جي ابتڙ، ڪئناڊا ۾ پوليس لاءِ باقاعده شفٽون هونديون آهن. ڊيوٽي ختم ٿيڻ بعد آفيسر مڪمل آزاد هوندو آهي، کيس گهر فون ڪري واپس نه سڏبو آهي. هر آفيسر کان اميد ڪئي ويندي آهي ته عوام سان دوستانه ۽ مددگار رويو رکندو. ان ڪري ڪئناڊا ۾ پوليس کي عوام جو دوست سمجهيو وڃي ٿو، طاقت جو مظهر نه. جڏهن ته پاڪستان ۾ عوام ۽ پوليس آفيسر جي وچ ۾ اعتماد جو فاصلو خطرناڪ حد تائين وڌي چڪو آهي. ڪئناڊا جو نظام عوامي خدمت تي بيٺل آهي، جڏهن ته پاڪستان جو نظام طاقت ۽ اختيار تي.

 سوال اهو آهي ته اسان کي هاڻي ڇا سکڻ گهرجي؟ جيڪڏهن پاڪستان ۾ به بيوروڪريسي کي سياسي اثر کان آزاد ڪيو وڃي، پوليس لاءِ انساني اوقاتِ ڪار مقرر ڪيا وڃن، ۽ ادارن ۾ جوابدهي سان گڏ عزت جو توازن بحال ڪيو وڃي، ته اسان اهڙو نظام ٺاهي سگهون ٿا، جتي آفيسر صرف ڪم نه، پر خوشيءَ سان خدمت ڪري. ڪئناڊا اها منزل شفافيت، قانون جي بالادستي ۽ انساني احترام سان حاصل ڪئي آهي، ۽ پاڪستان لاءِ به اهو ئي واحد رستو آهي، جنهن تي هلندي اسان پنهنجن ادارن، پوليس ۽ بيوروڪريسي کي هن بحران مان ڪڍي سگهون ٿا۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.