واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير حسين حقاني پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ معاشي ترقي جي چارٽ جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته هي گراف واضحع ڏيکاري ٿو ته 1990ع جي ڏهاڪي تائين پاڪستان جي في ڪس قومي پيداوار ڀارت کان لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو وڌيڪ هئي۔ان وقت پاڪستان جي معيشت صنعتي ۽ زرعي ترقيءَ جي لحاظ سان اڳڀري هئي، ۽ پرڏيهي امداد ۽ برآمدات سان سٺي رفتار سان وڌي رهي هئي۔پر پوءِ حالتون بدلجڻ لڳيون۔ڀارت ۾ 1991ع ۾ معاشي سڌارا آندا ويا — نون مارڪيٽن لاءِ دروازا کوليا ويا، پرائيويٽ سيڪٽر ۽ غير ملڪي سيڙپڪارن کي آسان پاليسيون ڏنيون ويون، ۽ ٽيڪنالاجي، IT، ۽ سروسز شعبي ۾ تيز رفتار واڌ ڏٺي وئي۔ٻئي طرف، پاڪستان سياسي ڇڪتاڻ، فوجي تجربن، ۽ غير استحڪام ۾ ڦاٿل رهيو۔.