ايمان مزاري، هادي علي چٺه ۽ ٻين جي عبوري ضمانتن ۾ واڌ

اسلام آباد (بيورو) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت اسلام آباد ۾ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر واجد گيلاني سان مبينا جھيڙي ۽ تشدد واري ڪيس ۾ ايمان مزاري، هادي علي چٺه ۽ ٻين جي عبوري ضمانتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي، تفصيل موجب دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، پر جوابدارن جي ضمانت کان اڳ گرفتاري بابت دليل مڪمل نه ٿي سگهيا، عدالت جاچ آفيسر کي هدايت ڪئي ته هو ضمني دليل مڪمل ڪري، جڏهن ته ڌرين جي وڪيلن کي به ايندڙ ٻڌڻي تي دليل ڏيڻ لاءِ چيو ويو.

  1. سهراب ڳوٺ واري علائقي ۾ گهر تي فائرنگ، افغان شهري مارجي ويو

ڪراچي (رپورٽر) سهراب ڳوٺ جي علائقي الاصف اسڪوائر قيوم آباد ڪالوني ۾ هٿياربندن گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري افغان شهري کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا، سهراب ڳوٺ ٿاڻي جي حدن ۾ قبرستان جي ويجهو ٻن هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 25 ورهين جو زرين خان ولد نور احمد مارجي ويو، مقتول افغان شهري ۽ پيشه جي لحاظ سان گوشت جو واپاري هو، مقتول جي لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ ايڌي ايمبولينس ذريعي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، ايس ايڇ او سهراب ڳوٺ موجب واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.