سکر ۾ پيش امام طرفان ٻارڙي سان غيراخلاقي حرڪتون، سوگهو، مارڪٽ

سکر(رپورٽ: سيد نعيم شاھ) سکر جي علائقي ٽائون شپ ويجهو قادرآباد ۾ انسانيت لڄائيندڙ واقعو پيش آيو ، جتي مسجد جي پيش امام پاران 7 سالن جي معصوم ٻارڙي بسمه سان مبينا طور تي غيراخلاقي حرڪتون ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو،قادر آباد ۾ انسانيت لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آهي جتي مسجد جو پيش امام عبدالرزاق چوهاڻ ڪوٺڙي اندر ويهاري غيراخلاقي حرڪتون ڪندو هو، ٻارڙي مسمات بسمه ٻڌايو ته مولوي هر روز مون سان غير اخلاقي حرڪتون ڪندو آهي ۽ نه صرف مون سان پر ٻين ٻارن سان به غلط حرڪتون ڪندو هيو، ٻارڙي جي وارثن جو چوڻ آهي ته مسجد جيڪو ﷲ جو گهر آهي جتي هي ٻارڙن سان حرڪتون ڪري رهيو هيو ۽ جنهن سبب اسان جي معصوم ٻارڙي خوف ۽ پريشاني سبب ڪيترن ڏينهن کان بيمار رهندي هئي ۽ ٻارڙي پاران ان عمل جي ڳالهه ٻڌائڻ کان پوءِ وارثن ۽ علائقي واسين ۾ شديد غم ۽ غصي جي لهر پکڙجي وئي، علائقي واسين پيش امام کي پڪڙي سخت ڪٽڪو ڏيڻ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ طبي جاچ لاءِ ٻارڙي کي اسپتال موڪليو ويو آهي، رپورٽ جي بنياد تي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، سماجي، سماجي، مذهبي ۽ شهري حلقن پاران واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي ۽ جوابدار خلاف سخت ڪارروائي جي گهر ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.