نيشنل سائبر ڪرائم ايجنسي ۾ سائبر مافيا سرگرم،اداري ۾ وڏي سطح تي ”سرجري“ جي تياري

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز+عمران شفقت)ملڪ جي اهم نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي ۾ مبينا طور تي سائبر ڪرائم مافيا جي سرگرمين جي اطلاع ملڻ کانپوءِ حڪومت طرفان وڏي سطح تي “سرجري” ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔ذريعن موجب حڪومت هن سلسلي ۾ پهريون قدم طور اداري جي مٿئين سطح تي تبديليون آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ۽ سينيئر پوليس آفيسر سيد خرم علي کي اهم ذميواري سونپڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي۔رپورٽن موجب ايجنسي جي ڪيترن ئي آفيسرن خلاف انضباطي ڪارروائي شروع ٿيڻ واري آهي، ڇو⁠ته شڪايتون سامهون آيون هيون ته اداري جي اندر ئي ڪجهه آفيسر مبينا طور تي سائبر ڪرائم مافيا سان ڳٺ جوڙ ۾ سرگرم آهن۔ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي آفيسرن کي نوڪري مان برطرف ڪري سگهجي ٿو، ۽ انهن خلاف اختيارات جي غلط استعمال، ڪرپشن ۽ مالي بي ضابطگين بابت مڪمل جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، ساڳئي وقت انهن آفيسرن خلاف اڳ ۾ ٿيل انڪوائريون ۽ فوجداري ڪيس ٻيهر کوليا پيا وڃن،اختيارين انهن آفيسرن خلاف مني لانڊرنگ،انهن جي پرڏيهي دورن،ٻاهرين ملڪ رقمن جي منتقلي ۽ ڊجيٽل فنانشل سرگرمين جي حوالي سان جاچ جو به حڪم ڏنو آهي،  جاچ ۾ خاص ڌيان انهن جي ممڪن ڪرپٽو ڪرنسي هولڊنگز، بٽ ڪوائن ۽ ٻين ڊجيٽل اثاثن تي ڏنو ويندو، جيڪي مبينا طور تي ذاتي يا جعلي اڪائونٽن ۾ منتقل ڪيا ويا آهن،ٻئي پاسي اطلاع آهن ته اداري ۾ سرجري ”ادارن“ جي حڪم تي ڪئي پئي وڃي،لاهور ۾ اهي افواهه به عام آهن ته ڪرپشن الزام هيٺ آيل آفيسرن کي مبينه طور ”مٿي“ حصو نه پهچائڻ تي ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي،

  1. نيشنل سائبر ڪرائم ايجنسي جا 6 آفيسر گم، سمورين آفيسن ۾ ٿرٿلو

اسلام آباد (بيورو) نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي  جي لاهور مان 5 ۽ اسلام آباد مان هڪ آفيسر جي گمشدگي کان پوءِ هيڊ آفيس سميت سڄي ايجنسي جي آفيسن ۾ صورتحال ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي، ذريعن موجب ڪيترئي ا آفيسر پاڻمرادو غائب ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪي مبينا طور تي ٻاهرين ملڪ وڃي چڪا آهن، رپورٽ موجب اين سي سي آءِ سي فيصل آباد، لاهور، ملتان، راولپنڊي ۽ هيڊ آفيس جا لڳ ڀڳ 12 کان 15 آفيسر آفيس نه پيا اچن،  ڪجهه آفيسرن بابت اطلاع آهي ته هو ٻاهرين ملڪ وڃي چڪا آهن، جڏهن ته ٻيا وڃڻ جي تياري ۾ آهن، هيڊ آفيس جا 4 آفيسر گذريل 3 هفتن کان ڊيوٽي تي ناهن آيا، اطلاع آهي ته هڪ ايڊيشمل ڊائريڪٽر آپريشنز ۽ هڪ اڳوڻو ايس ايڇ او فرانس هليا ويا آهن، جڏهن ته هڪ ٻيو آفيسر 2 هفتن جي موڪل تي آمريڪا هليو ويو، هڪ آفيسر بابت ڄاڻ آهي ته هو هن وقت يورپ ۾ آهي، ايجنسي جي ترجمان سان رابطو ڪرڻ باوجود ڪنهن به ترديد يا وضاحت پيش نه ڪئي وئي.

  1. ايف آءِ اي پاران اين سي سي آءِ اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوڌو 4 آفيسرن جي گرفتاري ظاهر

اسلام آباد (بيورو) ايف آءِ اي نيشلنل سائبر ڪرائم ايجنسي (NCCIA) جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر چوڌري سرفراز سميت چار گم آفيسرن جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي، ايف آءِ اي جي جاري بيان موجب چوڌري سرفراز ۽ ٻين آفيسرن کي اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي، ايف آءِ اي ٻڌايو آهي ته چوڌري سرفراز سميت سڀئي گرفتار آفيسر ايف آءِ اي جي تحويل ۾ آهن ۽ کين اڄ لاھور جي ضلعي ڪچهرِيءَ ۾ پيش ڪيو ويندو، جوابدارن کي سينيئر وڪيل بئرسٽر ميان علي اشفاق عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.