اسلام آباد صوبو نه بڻبو! نوان صوبا ٺاهڻ بابت مٿين مهيني ايوان ۾ بحث ٿيندو: وفاقي وزير

وفاقي وزير طارق فضل چوڌري جو چوڻ آهي ته آڪٽوبر ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس ٿيندا، جن ۾ نون صوبن جي قيام بابت بحث ڪيو ويندو.

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي طارق فضل چوڌري چيو ته نون صوبن بابت بحث جو اصل هنڌ پارليامينٽ هائوس ئي آهي، اسلام آباد صوبو بڻجڻ وارو ناهي، اسلام آباد هڪ نئون حڪمرانيءَ جو نمونو اختيار ڪرڻ وڃي رهيو آهي.

طارق فضل چوڌري چيو ته اسلام آباد کي الڳ صوبو بڻائڻ بابت ڪا به ڳالهه ناهي ٿي.

You might also like