ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾مسلسل لاٿ سلسلو جاري آهي، اڄ به في تولي سون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 14 هزار رپيا سستو ٿيڻ بعد 4 لک 16 هزار 362 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 12 هزار 3 رپيا گهٽجڻ بعد 3 لک 56 هزار 963 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ به في اونس سون جي قيمت 140 ڊالر لاٿ بعد 3940 ڊالرز آهي.
ياد رهي ته 17 آڪٽوبر 2025 تي في تولي سون جو مُلهه 4 لک 56 هزار 900 رپيا هو، جيڪا تاريخ جي بلند ترين سطح هئي، پر گذريل 11 ڏينهن دوران سون 40 هزار 500 رپيا سستو ٿيو آهي.
You might also like