راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير ۾ اِن هائوس تبديلي واري معاملي تي مسلم ليگ (ن) جي اجلاس جي اندوروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.
ذريعن موجب، آزاد ڪشمير ۾ اِن هائوس تبديلي بابت ٿيل مسلم ليگ (ن) جي اجلاس ۾ احسن اقبال، رانا ثناءُ الله ۽ ڪشمير معاملن بابت وزير انجنيئر امير مقام شرڪت ڪئي.
ان کانسواءِ مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي صدر شاهه غلام قادر، راجا فاروق حيدر خان سميت پارليماني پارٽي جي ميمبرن ۽ مرڪزي عهديدار به اجلاس ۾ شامل ٿيا.
ذريعن موجب، آزاد ڪشمير ۾ حڪومت جي تبديلي بابت مسلم ليگ (ن) جي مشاورت مڪمل ٿي وئي آهي ۽ (ن) ليگ نئين وزيراعظم لاءِ پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومتي تبديلي لاءِ مسلم ليگ (ن) پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏيندي پر آزاد ڪشمير ۾ نئين حڪومت جو حصو نه بڻجندي.
ذريعن موجب، بي اعتمادي رٿ هڪ الڳ معاملو آهي ۽ قائدِ ايوان جي چونڊ ٻيو معاملو آهي، قائدِ ايوان جي چونڊ لاءِ (ن) ليگ پيپلز پارٽي جي اميدوار کي ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته پيپلز پارٽي سان آزاد ڪشمير ۾ جلد اليڪشن بابت صلاح مشورا ڪيا ويندا.
ذريعن موجب، اجلاس ۾ سياسي رابطا ڪميٽي آزاد ڪشمير جي پارليماني پارٽي کي پيپلز پارٽي سان طئي ٿيل فارمولي بابت به اعتماد ۾ ورتو، مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي طرفان ايندڙ سياسي حڪمت عملي تي به غور ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سياسي رابطا ڪميٽي آزاد ڪشمير جي قيادت کان سياسي حڪمت عملي بابت تجويزون گهري ورتيون آهن ۽ ڪميٽي وزيراعظم شهباز شريف کي وطن واپسي تي بريفنگ ڏيندي.
You might also like