غير قانوني طور رهندڙ افغانين جي نشاندهي لاءِ مسجدن ۾ اعلان ڪرائڻ جي هدايت

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ غير قانوني افغانين جي نشاندهي لاءِ مسجدن ۾ اعلان ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي.
مريم نواز جي صدارت هيٺ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ افغانين سميت ڪنهن به پرڏيهي کي پراپرٽي مسواڙ تي ڏيندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
اجلاس ۾ گهر، دڪان، فيڪٽري، هوٽل، پيٽرول پمپ وغيرا مسواڙ تي ڏيڻ جي روز جي بنياد تي رپورٽ طلب ڪندي غير قانوني افغانين جي نشاندهي لاءِ مسجدن ۾ اعلان ڪرائڻ جي هدايت ڏني وئي.
اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته صوبي جي سڀني ضلعن ۾ افغان شهرين لاءِ 45 هولڊنگ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، غير قانوني طور رهندڙ افغانين کي قيام، طعام ۽ طورخم بارڊر تائين ٽرانسپورٽ ڏني پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.