پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ اقتصادي سهڪار جو فريم ورڪ شروع ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي سهڪار جو فريم ورڪ لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
رياض ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي ملاقات ٿي، جنهن جي گڏيل پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي کاتي موجب پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي سهڪار جو فريم ورڪ لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ٿيو آهي.
پرڏيهي کاتي چيو ته فريم ورڪ تحت اقتصادي، واپار، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، توانائي، صنعت، آءِ ٽي، سياحت، زراعت ۽ فوڊ سيڪيورٽي ترجيحي شعبا قرار ڏنا ويا آهن.
پرڏيهي کاتي موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ بجلي جي پهچ جي منصوبي تي مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي تياري جاري آهي، توانائي شعبي ۾ سهڪار لاءِ مفاهمتي يادداشت تي به ڪم جاري آهي.
پرڏيهي کاتي جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ٻئي ملڪ پائيدار ڀائيواري جي قيام جا خواهشمند آهن، سعودي عرب ۽ پاڪستان جا قاعد اعليٰ سطحي سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي اجلاس جا منتظر آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.