”نوجوانن کي هاڻ ميرٽ تي نوڪريون ملنديون“ وڏي وزير پاران جاب پورٽل جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ جاب پورٽل ڪلڪ ڪري لانچ ڪري ڇڏيو.
تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ کي ان پورٽل تي مبارڪباد ڏيان ٿو، نوڪريون ڏيڻ ۾ مسئلا به پيش ايندا آهن، ڪڏهن گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو کنيا ويا، ڪڏهن ماڻهو آفر آرڊر کڻي گهمندا هئا.
هن چيو ته جعلسازي کان بچڻ ۽ ميرٽ تي نوڪري لاءِ سسٽم ڊجيٽلائز ڪيو آهي، ماڻهن لاءِ آسان ۽ شفاف سسٽم ٺاهيو آهي، اميدوار اڳ ۾ هر ڊپارٽمينٽ جي ڌار ڌار ٽيسٽ ڏيندو هو، اسان ملازمتن لاءِ هر هر دستاويز جمع ڪرائڻ، ٽيسٽ ڏيڻ جو نظام ختم ڪري ڇڏيو آهي.
سندس چوڻ هو ته سموريون ٽيسٽون SIBA وٺندو، اهو سڀني ملازمتن لاءِ ڪافي هوندو، پورٽل تي ٽيسٽ ۽ انٽرويو پاس ڪندڙ اميدوارن جي ڊيٽا ميرٽ تي تيار ٿيندي.
مراد علي شاهه چيو ته ملازمت ملڻ کانپوءِ پوليس ويريفڪيشن ۽ هيلٿ سرٽيفڪيٽ به ان ئي پورٽل تي موجود هوندو، سموريون نوڪريون هاڻ ان ئي پورٽل ذريعي هونديون، گريڊ هڪ کان 5 تائين ملازمتن جو سلسلو ايندڙ 15 ڏينهن کانپوءِ شروع ٿيندو.
وڏي وزير چيو ته نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون ملنديون، اسان کي سفارشي ڪلچر ختم ڪرڻو آهي، ٿي سگهي ٿو ته ان پورٽل ۾ ڪجهه خاميون به هجن پر ان تي ڪم ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.