ڪيپ ٽائون ( ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ”مسٽر 360“ جي نالي سان مشهور اي بي ڊيويليئرز ڀارت جي ٻن تجربيڪار بيٽرز روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي تي تنقيد ڪندڙن کي ”لال بيگ“ قرار ڏئي ڇڏيو.
آسٽريليا خلاف تازي ون ڊي سيريز ۾ روهت شرما هڪ ففٽي ۽ هڪ سينچري اسڪور ڪئي، جڏهن ته ويرات ڪوهلي پهرين ٻن ميچن ۾ ٻُڙي تي آئوٽ ٿيڻ بعد ٽِين ميچ ۾ 74 رنسن جي اننگز کيڏي.
ڀارتي ٽيم مئنيجمينٽ 2027ع واري ون ڊي ورلڊ ڪپ جي تيارين ۾ رڌل آهي، ۽ ان ئي منصوبي تحت شُڀمَن گِل کي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، پر ڪجهه تجزيي نگارن طرفان تجربيڪار بيٽرز روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
پنهنجي فيس بڪ لائيو سيشن دوران اي بي ڊيويليئرز تنقيد ڪندڙن خلاف ردعمل ڏيندي چيو ته ”مون کي خبر ناهي هي ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهن، جيڪي بيٽرز جي ڪيريئر جي پڇاڙيءَ ۾ لال بيگن وانگر ٻَرن مان نڪري اچن ٿا.“
اڳوڻي ڏکڻ آفريقي ڪپتان جو چوڻ هو ته ”آخر ماڻهو هنن تي تنقيد ڇو ٿا، جن ڊگهي عرصي تائين پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪئي آهي؟ هي وقت کين ساراهڻ جو آهي تنقيد جو نه.
اي بي ڊيويليئرز چيو ته ٻنهي رانديگرن گذريل ڪجهه مهينن دوران سخت تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو، هر ڪنهن کين گهٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن وڌيڪ چيو ته ”راند جي عظيم رانديگرن خلاف ناڪاري رويو اختيار ڪرڻ هاڃيڪار آهي.
You might also like