ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ٽريفڪ پوليس گذريل ڏينهن کان لاڳو ٿيل اي چالان سسٽم جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
ٽريفڪ پوليس موجب اي چالان سسٽم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ رڳو 6 ڪلاڪن ۾ شهرين جا هڪ ڪروڙ 25 لک رپين کان وڌيڪ جا چالان ڪيا ويا.
ڪراچي ٽريفڪ پوليس طرفان ٻڌايو ويو ته 6 ڪلاڪن ۾ مجموعي طور تي 2 هزار 662 چالان ڪيا ويا، جن ۾ اوور اسپيڊنگ تي 419 ۽ لين تي گاڏي نه هلائڻ تي 3 چالان ٿيا، اسٽاپ لائن ڀڃڪڙي تي 4، سيلٽ بيلٽ جي ڀڃڪڙي تي 1535، ريڊ لائٽ ڪراس ڪرڻ تي 166 ۽ هيلمٽ بنا موٽر سائيڪل هلائڻ تي 507 چالان ڪيا ويا.
ٽريفڪ پوليس جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ون وي اسٽريٽ تي رانگ وي ڊرائيونگ تي 4، ڪارن شيشن تي 7، غلط پارڪنگ تي 5، موبائل فون جي استعمال تي 32 چالان ڪيا ويا.
ٽريفڪ پوليس موجب اهو سسٽم اثرائتي نگراني لاءِ هڪ اهم قدم آهي ۽ اهو نظام شهرين ۾ ٽريفڪ قانونن جي پاسداري کي يقيني بڻائيندو.
ٽريفڪ پوليس شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته قانون جي پاسداري ڪن.
You might also like