لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪندي پي سي بي آڏو مطالبا رکيا آهن.
ذريعن موجب پي سي بي 30 ڪرڪيٽرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ پيش ڪيا هئا، جن ۾ محمد رضوان کي ڏهن ٻين ڪرڪيٽرن سان گڏ بي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سينٽرل ڪانٽريڪٽس جي اي ڪيٽيگري ۾ ڪنهن به ڪرڪيٽر کي شامل نه ڪيو ويو، جڏهن ته رضوان اڃا تائين سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي صحيح ناهي ڪئي، ان کانسواءِ سمورن ڪرڪيٽرن صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.
ذريعن موجب محمد رضوان سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي صحيح ڪرڻ لاءِ ڪجهه مطالبا رکيا آهن، پر پي سي بي هن وقت تائين اهي مطالبا منظور ناهن ڪيا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد رضوان جي مطالبن جي منظوريءَ جو به ڪو امڪان نظر نٿو اچي.
You might also like