ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته صوبي جي مختلف شهرن ۾ عورتن ۽ شاگردياڻين لاءِ اسڪوٽي ٽريننگ پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون.
شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جاري ۽ ايندڙ منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ترجمان موجب اجلاس ۾ حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ عورتن ۽ شاگردياڻين لاءِ اسڪوٽي ٽريننگ پروگرام شروع ڪرڻ ۽ سنڌ جي وڌيڪ ٽن ضلعن ۾ پيپلز بس سروس هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته حيدآباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ عورتن ۽ شاگردياڻين لاءِ اسڪوٽيز هلائڻ جي تربيت شروع ڪري رهيا آهيون، اها تربيت نجي ڪمپني جي ڀائيواري سان ڏني ويندي، ٽريننگ مڪمل ڪندڙن کي مفت ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪيا ويندا.
هن چيو ته يلو لائن بي آر ٽي جو اهم سيڪشن تاج حيدر پل مڪمل ٿي چڪو آهي، جلد ئي ان حصي کي عوام لاءِ کوليو ويندو، گلشن معمار کان ٽاور تائين 15 اي وي بسن تي ٻڌل نئون روٽ شروع ڪيو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته شڪارپور، خيرپور ۽ نوشهري فيروز ۾ به 20 نيون بسون هلايون وينديون، ڊبل ڊيڪر ۽ اي وي بسن جي نئين کيپ جلد ڪراچي پهچڻ واري آهي.
شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڊسمبر ۾ اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪري رهيا آهيون، شروعاتي مرحلي ۾ 30 پنڪ اي وي ٽيڪسين جي ڊرائيونگ لاءِ عورتن کي تربيت ڏيڻ جو منصوبو آهي.
You might also like