لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ميچ ريفري ڪرس براڊ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي ڀارت نوازيءَ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، هڪ انٽرويو دوران ڪرس براڊ انڪشاف ڪيو ته کيس ڀارت خلاف ضابطن جي ڀڃڪڙي واري معاملي تي ”هلڪو هٿ رکڻ“ لاءِ چيو ويو هو.
سندس چوڻ هو ته هڪ ميچ دوران ڀارتي ٽيم مقرر وقت کان چار اوور پوئتي هئي، جنهن سبب سلو اوور ريٽ جو ڏنڊ يقيني هو، پر مون کي هڪ فون ڪال آئي ۽ چيو ويو ته ”ڪو حل ڪڍو، هٿ هلڪو رکو، ڇو ته هي ڀارت آهي.“
ڪرس براڊ ٻڌايو ته ”فون ڪال کان پوءِ ٽائيم ڪيلڪوليشن کي ايڊجسٽ ڪرڻو پيو، ٻي ميچ ۾ ساروو گنگولي ٻيهر ساڳي حرڪت ورجائي ۽ آفيشلز جي ڳالهه نه ٻڌي، مون جڏهن پڇيو ته ٻيهر ضابطن جي ڀڃڪڙي ٿي آهي، هاڻي ڇا ڪريان؟ ته چيو ويو ته رڳو گنگولي کي سزا ڏيو.“
اڳوڻي آءِ سي سي ميچ ريفري جو چوڻ هو ته ”هاڻي ڪرڪيٽ ۾ گهڻي سياست شامل ٿي وئي آهي، ماڻهو سياسي معاملا ڏسي فيصلا ڪن ٿا، سڄو پئسو ڀارت وٽ آهي ۽ هن عملي طور تي آءِ سي سي تي پنهنجي پڪڙ مضبوط ڪري ورتي آهي. “
ڪرس براڊ وڌيڪ چيو ته ”مان خوش آهيان ته هاڻي آءِ سي سي ميچ آفيشلز جو حصو ناهيان، ڇو ته اها پوزيشن مڪمل طور سياسي ٿي چڪي آهي“
”ڀارت آءِ سي سي فيصلن تي اثرانداز ٿي رهيو آهي“ اڳوڻي ميچ ريفري جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف
You might also like