ايشين گيمز ڀارت لاءِ ميڊل ماڻيندڙ روهِني ڪلام زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي 35 ورهين جي جوجستو اٿليٽ روهني ڪلام پنهنجي گهر ۾ مئل حالت ۾ هٿ آئي آهي.
پوليس موجب، ايشين گيمز ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪندڙ روهني ڪلام مڌيا پرديش رياست جي شهر ديوواس ۾ پنهنجي گهر اندر مئل حالت ۾ هٿ آئي.
جوجستو اٿليٽ روهني جي ننڍي ڀيڻ روشني پوليس کي ٻڌايو ته ”روهني ڀارت جي شهر آشٽا ۾ هڪ نجي اسڪول ۾ مارشل آرٽ ڪوچ طور ڪم ڪندي هئي.“
روشني موجب ”ڇنڇر جي ڏينهن روهني پنهنجي گهر وارن سان ملڻ لاءِ ديوواس آئي هئي، آچر جي صبح هن معمول موجب نيرن ڪئي، پوءِ ڪمري ۾ وڃي فون تي ڳالهايو ۽ در بند ڪري ڇڏيو، ٿوري دير بعد کيس پَکي ۾ ٽنگيل ڏٺو ويو، جنهن کانپوءِ کيس ويجهي اسپتال نيو ويو جتي جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي. “
وارثن موجب، روهني پنهنجي نوڪري ۽ شاديءَ جا پروپوزل رد ٿيڻ سبب ذهني دٻاءَ جو شڪار هئي، آپگهات کان اڳ فون تي ڳالهائڻ واري انداز مان لڳو پئي ته کيس اسڪول جي پرنسپل طرفان هراسان ڪيو پيو وڃي.
پوليس موجب، شروعاتي جاچ جي نتيجي ۾ اٿليٽ روهني ڪلام جي موت جو ڪارڻ آپگهات لڳي رهيو آهي.
واضح رهي ته روهني جي آپگهات وقت گهر ۾ رڳو ٻئي ڀيڻون موجود هيون، ٻيو ڪو به ڀاتي نه هو.
ياد رهي ته روهني ڪلام ابوظهبي ۾ ٿيندڙ اٺين ايشين گيمز چيمپيئن شپ ۾ ڀارت لاءِ پِتل جو ٻِلو کٽيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.